پي ٽي آءِ جي ضد واري سياست جاملڪ تي پوندڙ اثر

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

ملڪن ۾جماعتن جوقيام اتان جي گھرجائو حالتن پٽاندڙ عمل ۾آندو ويندو آھي۔اھڙي طرح پاڪستان ۽ اتان جي عوام جون به پنھنجون پنھنجون سياسي گھرجون آھن۔جيئن ته اسان جوملڪ بنيادي طور ھڪ غريب ملڪ آھي۔جنھن جا ٻه بنيادي مسئلا آھن۔ھڪ غربت ٻيوسياست ۔جيئن ته اھي ٻئي مسئلا ھڪٻئي سان ايترو سلھاڙيل آھن جو چاھيندي به کين ھڪٻئي کان ڌار ڪري نٿو سگھجي۔غربت سياست جي سوالي آھي۽سياست جومحور وري ھرسياسي ڌر لاءِ  غربت گھٽائڻ ھجي ٿو۔ ان جي پويان سياست ڪرڻ جواصل مقصد اختيار حاصل ڪرڻ ھوندوآھي۔جيڪو ھرسياسي قوت جي جبلت ۾ھوندو آھي۔پر  ھر سوال جي جواب ۾سڀ سياسي قوتون اھو چونديون آھن ته سندن سياست ڪرڻ جو بنيادي مقصد خدمت ذريعي عوامي مسئلا حل ڪرڻ آھي۔جيئن ته ھر سياستدان بااختيار ٿيڻ لاءِ اختيار حاصل ڪرڻ چاھيندوآھي۔ جيڪو بلڪل سچ آھي۔جنھن لاءِ  اھي اھو جواز ڏيندا آھن۔جڏھن ته دنيا جاسماج سيوڪ پنھنجي سيواڪاريءَ ذريعي سياستدانن جي انھن دعوائن کي عملي طور غلط ثابت ڪري چڪا آھن ته ڪوخدمت لاءِ  ھروڀرو اختيارجوھجڻ ضروري آھي۔اھوان ريت ته سماجي سيواڪارن جو بنيادي مقصد بناڪنھن اختيارجي طلب جي عام عوام جا بک ۽ صحت  جا مسئلا حل ڪرڻ ھوندوآھي۔ جڏھن ته سياستدانن کي اھي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  اختيار گھرجن ٿا۔جن جوحصول خود ڪيئي مسئلا پيدا ڪري ٿو۔جنھن جومثال اسان جي ملڪ ۾عبد الستار ايڌي ۽ ڀارت جي مدر ٽريسا آھن۔جيڪي سياستدانن لاءِ  ھڪ مثال آھن۔

ايڌي صاحب ۽ مدر ٽريسا جي خدمت عوام مان سماجي۽ طبقاتي فرق ختم ڪري يا گھٽائي ٿي۔جڏھن ته اسان جي سياست جا وارث سماجي ۽ طبقاتي وڇوٽيون پيدا ڪن ٿا۔سندن کنيل قدمن تحت جوڙيل قانون ڪٿي نه ڪٿي عوامي خدمتن ۽ غربت گھٽائڻ ۾رڪاوٽون پيدا ڪن ٿا۔اسان جي ملڪ۾آزاديءَ کان وٺي ھيل تائين سوين سياسي جماعتون جڙيون ۽ وقت جي گرداب ۾گم به ٿينديون رھيون آھن۔اڄ به ملڪ ۾سؤ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون ڪم ڪري رھيون آھن۔ پر  عوامي اھنج۽سندن مسئلا ڏينھون ڏينھن گھٽجڻ بجاءِ وڌي رھيا آھن۔پر  ھرسياستدان جي اھا دعويٰ آھي ته ھو۽ سندس جماعت ملڪ ۽ عوام جامسئلا ترت حل ڪري وٺندا۔ پر سندن اھا دعويٰ مڪمل سچ ناھي۔ ڇوته ڪيترن جماعتن ۽ سياستدانن کي ملڪي اختيارملندا رھيا آھن، پر  سندن ڪارڪردگي ٻڙيءَ رھي آھي۔ان ڪري اختيارن کان محروم ماڻھن عوامي خدمتن ڏي ڌيان ڏيڻ بجاءِ الڳ سياسي جماعت جوڙي اختيارن جي ڊوڙ۾شامل ٿي وڃن ٿا۔

جنن سان سندن سموريون سياسي توانائيون ۽ سرمايوڪنھن جي ڪم اچڻ بجاءِ سياسي راھن ۾ رلي وڃن ٿيون۔جنھن جو ڏوهه وري عوام تي ڏنو وڃي ٿو۔ نيون سياسي جماعتون قائم ڪرڻ جي ڊوڙ لاءِ اسي وارو ڏھاڪو وڏي اھميت رکي ٿو۔جنھن کان پوءِ  ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان نيازيءَ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نال سان ھڪ جماعت قائم ڪئي۔ جيڪو ڪرڪيٽ جي شوقين خوبرو نوجوانن ۾مشھو رھيو۔ پر ويھارو سالن جي ناڪام محنت اھو ثابت ڪيو ته سٺو رانديگر يا سھڻو ۽ سٺو اداڪار ھڪ سٺو سياستدان ۽ ڪامياب منتظم به ٿي سگھي؟ سٺي۽ عوامي سياستدان لاءِ نياز نوڙت ۽ خوش اخلاقيءَ جو ھجڻ لازمي آھي۔جڏھن ته عمران خان ۾لچڪ ۽سياسي لھه وچڙ بجاءِ غرور تڪبر ھٺ ۽ وڏائيءَ جو عنصر ڪجھه  سرس آھي۔

جنھن کيس ٻن ڏھاڪن تائين صرف قومي اسيمبليءَ جي ھڪ سيٽ ڏياري۔جنھن جوالزام ھن ملڪي عوام جي شعورتي رکيو۔سندس ڦرڻي گرڻي سياست ۽ملڪي سياست ۽ سياستدانن کان نفرت ۽ ملڪ جي مک آمرن سان دوستي ۽ حمايت به کيس وڏو نقصان رسايو۔ ان ڪري ملڪ جو سياسي ھما پکي جو آکيرو ٿيڻ ۾کيس ڏاڍي دير لڳي۔ايتري عرصي ۾ھو صرف راند جا شوقين گڏ ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجھه  ڪري نه سگھيو۔جڏھن ٻه ھزار تيرنھن کانپوءِ اقتدارڌڻين کي ٻين سياستدانن کان مايوسي ٿي ۽کين پنھنجي ڪرسي اڳتي لاءِ  پڪي ڪرڻ جو خيال ذھن ۾آيو ته ھنن نئين سياسي واپاريءَ جي ڳولا شروع ڪئي۔

انھيءَ عرصي ۾عمران خان سياست جي دنيا ۾پنھنجي ضد ۽ تڪبر واري روش ڪري سياسي دوستن بجاءِ سياسي مخالف گھڻا پيدا ڪيا۔جنھن ڪري سياسي منڊيءَ ۾سندس کپت نه ھجڻ جي برابر ھئي۔ ان دوران ھن ڊرائينگ روم حمايتي ضرور پيدا ڪري ورتا۔جن کي عمران خان جي صورت ۾پنھنجو مستقبل نظر اچڻ لڳو ھيو۔ان ڪري واڳ ڌڻين عمران خان ڏي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو۔جنھن سان ھن امپائر جو نعرو بلند ڪيو۔اتان سندس رستوصاف ٿيڻ شروع ٿيو۔پس پرده سياسي گوءِ لاءِ  گھڙاگڏ ٿيڻ شروع ٿيا۔ کيس سڌسماءُ جي ادارن تائين رسائي ڏياري وئي۔ھتان ھتان ان لاءِ  سياسي رانديگر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ويا۔عمران خان جي زبان سندس ظابطي ۾نه ھئي نه آھي۔ھن جي زبان ھرماڻھوءَ لاءِ  ھڪ ٻولي ڳالھائيندي آھي۔ھو ھر مخالف کي چور بدمعاش چوڻ کان نه ڪيٻائيندو آھي۔مخالفن کي جيل ۾وجھڻ نه ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيندو ھيو۔ اڃان به سندس روش ساڳي آھي۔

مڪافات عمل تحت اقتدار کان محروم ٿي پاڻ اتي ويٺو آھي ۔جتي جا ٻين کي دڙڪا ڏيندو ھيو۔ جنھن ڪري ڪوبه سندس ويجھو اچڻ بجاءِکانئس ٽھي پري ٿي وڃي ٿو۔ غرور ۾غلطان ھيءَ شخص پنھنجي ذات مان ٻاھر نڪري ئي نٿو۔جنھن کي پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪو معتبر نظر ئي نٿو اچي۔ سندس جابرانه روين ۽ احسان فراموشيءَ کي ڏسي  جھانگير ترين ۽ عليم خان جھڙن ڪيترن مخلص دوستن کانئس منھن موڙي ڇڏيو۔ھيءَ ملڪ جو واحد سياستدان آھي۔جنھن کي ٽولن جي شڪل ۾ساٿين ڇڏيوآھي۔ھن سياست جي لاھن چاڙھن مان ڪوبه سبق حاصل ناھي ڪيو۔ھن ھر وقت پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجھندي ملڪ جي طاقتور ادارن سان ٽڪراءَ ۾آيو آھي.

۔خاص طور تي کيس اقتدار ۾آڻڻ وارن ادارن کي به ناھي بخشيو۔ جڏهن ته  امپائرن سان به ڦٽائي ويٺو۔جن لاءِ  ھوپاڻ وڏي واڪي چوندوآھي ته ھو سندس اجلاسن جو ڪورم پورو ڪرائيندا آھن۔ھن کي اھا به ادارن کان شڪايت آھي ته ادارا ٻيونه ته عدم اعتماد جي رٿ ته روڪرائي سگھن پيا۔ھن ادارن جي سربراھن جا نالا کڻي گھٽ وڌ ڳالھايو۽کين ميرجعفر ۽ ميرصادق جي لقبن سان نوازيو ۽ وري کانئن ئي مدد جو خواھان به رھي ٿو۔ھن پنھنجي آسپاس مخلص تجربيڪار ۽ محنتي ساٿين بجاءِ خوشامدي لالچي ۽ ناتجربيڪار ماڻھو گڏ ڪري رکيا۔جن کيس اقتدار  کان محروميءَ واي منزل تي پڄايو۔ڇوته سندس ابن الوقت ساٿين کي به اھا پڪ ھئي ته وقت اچڻ تي ھو کين به ڏنگيندو۔ ان لاءِ  سندن بااعتماد دوستن جا لکيل ڪتاب انٽرويوز ۽ تقريرون گواهه آھن۔سندس اھا روايت رھي آھي ته جارحاڻا روش اختيارڪري ايترو لڙ مچايو وڃي ته جيئن ماڻھون کيس سچو سمجھن۔

ھونئن به پنھنجيءَ پر۾عمران خان تڪبر ھٺ ۽ ھوڏ کي پنھنجي دليري سمجھي ٿو۔جيڪا سندس خوشفھمي آھي۔سندس ان روش ۽ طرز حڪمراني ملڪ ۽ ملڪي مفادن سان گڏ  عوامي مفادن کي به وڏو نقصان ڏنوآھي۔ملڪ کان ٻاھر ملڪ ۽ ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ کان به اڄ ڏينھن تائين نٿو مڙي ۔ھو حڪومت۽مخالف ڌر ۾اڃان تائين فرق نه ڪري سگھيوآھي۔ ھو ھينئر آيل ڪجهه نوجوان وڪيلن جي گھيري ۾آھي۔جيڪي کانئنس پنھنجي  سمجهھ وارا فيصلا ڪرائي رھيا آھن۔جن سان ھرمحاذ تان کيس سخت موٽ ملي رھي آھي۔ملڪي سياست ۾ انتشار پکيڙڻ واري روش کيس عوامي پذيرائي ڏيارڻ بجاءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن کي نقصان پھچائي رھي آھي۔حڪومت جي معاملن ۾بي جا مداخلت عوامي خدمتن تان سندن ڌيان ھٽرائي ٿي۔اسان جواھومطلب ناھي ته حڪومتي ڌر پاڪ صاف آھي۔پر  سندس دعوائن مطابق کيس ته شفاف ۽ اعتدال پسند ھجڻ گھرجي۔مخالف سياستدانن سان ڳالھائڻ کان نٽائڻ سياسي شعور ناھي۔ڳالھين سان مسئلا حل ٿيندا آھن۔ڳالھين کان انڪارآمرن جو رويو آھي۔ھي ته سياستدان سڏائي ٿو۔کيس ذاتي اقتدار کان وڌيڪ عوام ۽ ملڪي مفادن جو خيال رکڻ گھرجي۔ورنه سندس تڪبر ھٺ۽ضد واري روش کيس وڌيڪ سياسي نقصان رسائيندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.