ھونئن ته سنڌ جو امن و امان سدائين ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي رھيو آھي. جنھن سنڌ کي ھميشه ناقابل تلافي نقصان رسايو آھي، ڇو ته زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ امن جو ھجڻ نهايت ئي ضروري ھجي ٿو، پر سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ ان جي پٺيان ڪھڙي قوت آھي، جيڪا سنڌ ۾ بدامنيءَ جي فضا برقرار رکي سنڌ جي ماڻھن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ پنھنجي ڀرپور ڪوشش ڪري رھي آھي. آخر اھي طاقتور ماڻھو ڪير آھن؟ جن جي اڳيان قانون به ڪمزور ۽ ھيڻو بڻيل نظر اچي ٿو
جيتوڻيڪ سنڌي ماڻھن ڌاڙيل راڄ کي اڌ صدي کان به وڌيڪ وقت ڀوڳيو آھي، پر ڇا ڳالھه آھي جو ڌاڙيل راڄ ختم ٿيڻ جي بدران ويتر نه رڳو ڏينھون ڏينھن مضبوط ٿي رھيو آھي، پر ان ۾ خطرناڪ وحشت جو پڻ واڌارو ٿي رھيو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل! جن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو به مس آھي، ايتري قدر طاقتور بڻجي چڪا آھن جو مغوين کي سڌيون گوليون ھڻي کين مرڻينگ ڪرڻ جون ويڊيوز ٺاھي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري رياستي رٽ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چيلنج ڪرڻ لڳا آھن، پر انھن بدمست ۽ بي لغام بڻيل ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ادارن جي ڪابه جامع حڪمت عملي ۽ پيش قدمي ڏسڻ ۾ نٿي اچي جيڪا يقينن ڳڻتي ۽ مايوس ڪندڙ ڳالھه آھي. جڏھن ادارا شھرين جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي ويندا آھن ته شھري عدم تحفظ جو شڪار بڻجي خوف واري ڪيفيت ۾ زندگيءَ گذارڻ لاءِ مجبور بڻجي ويندا آھن.
جڏهن ته شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي ذميواري ادارن ۽ حڪومت جي هوندي آهي. خوف ماڻهو کي خطرناڪ حد تائين ناڪام بڻائي ڇڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته خوف جڏهن ماڻهو جي حواسن تي اثرانداز ٿيڻ لڳندو آهي ته ان انسان جون صلاحيتون آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳنديون آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهو انسان ناڪام ثابت ٿيندو آهي. ڪامياب زندگيءَ لاءِ خوف جون خاتمو ڪرڻ ضروري آهي. ادارن کي گهرجي ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪن. چوندا آھن ته جنھن ملڪ جا شھري پنھنجي گھرن جا دروازا لاڪ ڪري سمھندا ھجن ته سمجھو اتي لاقانونيت آھي، ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جون امن امان جي حوالي سان حالتون نھايت ئي ڳنڀير آھن ۽ اتي قانونيت ايتري حد تائين وڌي وئي آھي جو جھنگ جو قانون ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ رائج ٿي چڪو آھي. اتر سنڌ ۾ جتي شھرين کي گھرن مان سڏ ڪري ھٿيارن جي روز تي کين اغوا ڪيو وڃي ٿو، پريشان ڪندڙ ڳالھه ته اھا آھي ته ان عمل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نه رڳو اھلڪار پر اعلي آفيسر پڻ ملوث ڏٺا ويا آھن.
ڪنڌ ڪوٽ واسي استاد الله رکيو نندواڻي، جنھن کي تازو ڌاڙيلن بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي شھادت کان ڪجھه ڏينھن اڳ سوشل ميڊيا تي ھڪ ويڊيو ڪلپ پڻ وائرل ٿيو ھو، جنھن ۾ ڏٺو ويو ته ھُو بدامني سبب پنھنجي تحفظ لاءِ گھران بندوق کڻي اسڪول نڪتو ھو، جنھن کي بي رحم، سماج، تعليم ۽ انسان دشمن جاھل ڌاڙيلن بيدردي سان شھيد ڪري ڇڏيو. قوم ۾ تعليم جو نور پکيڙيندڙ ھڪ فرض شناس ۽ محنتي استاد جي بي رحمانه قتل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ ان واقعي کي کليل دھشتگردي سمجھون ٿا.
گذريل حڪومت ۾ گھوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ ان پروگرام کي تڪميل تائين پھچائڻ لاءِ اربين رپين جي بجيٽ پڻ جاري ڪئي وئي ھئي پر نه ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪو آپريشن ٿيو نه ئي عوام جي امن واري آس پوري ٿي.
ھڪ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري مان ھر سال ھڪ ارب رپين کان وڌيڪ ڪمايو وڃي ٿو ۽ ٻي طرف ان کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ پئسا ورتا وڃن ٿا، ھاڻ اھا ڳالھه سمجهڻ ۾ سهنجي ٿي پئي آھي ته سنڌ جي بدامنيءَ ڪنھن ڪنھن لاءِ فائديمند آھي؟ ۽ ان جي پٺيان ڪنهن جا هٿ ٿي سگهن ٿا.
گڏو گڏ اھا ڳالھه سمجھڻ پڻ ضروري آھي ته ڌاڙيلن يعني ڪچي وارين پولنگ اسٽيشنن مان ڪھڙي پارٽيءَ جا اميدوار ڪامياب ٿيندا رھيا آھن، گھڻو پوئتي وڃڻ ضروري ناھي رڳو 2008ع کان ھيل تائين جو رڪارڊ جاچي ڏسو ته سموري ماجرا سمجھه ۾ اچي ويندي ته ڌاڙيلن خلاف ڪو باقاعده سخت آپريشن ڇو نٿو ٿئي ۽ ڌاڙيلن ايترا طاقتور ڪيئن بڻيا جو سوشل ميڊيا تي ادارن کي چيلنج ڪرڻ لڳا، چيو ويندو آھي ته مينھن قلعيءَ تي ڪڏندي آھي ۽ ڌاڙيلن جا مضبوط قلعا به ڪنھن کان ڳجھا ناھن رھيا.
پاڪستان پيپلز پارٽي جا گذريل ٽئي دور امن امان جي حوالي سان نھايت ئي بدتر ۽ ناڪام ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته امن امان جي بنيادي ۽ اھم مسئلي کي سياست کان ڌار نه ڪيو ويو ھيو ۽ اڃا تائين ايئن ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي جنھن عمل کي عوام دشمن چئي سگھجي ٿو. نئين چونڊجي آيل
سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ايمرجنسي بنيادن تي سنڌ جي امن امان جو مسئلو حل ڪيو وڃي ته جيئن ڌاڙيلن جو ستايل سنڌ جو عوام ڪجهه سک جو ساھه کڻي سگھي. بدامنيءَ ۾ ڀلا ڪھڙا ڪھڙا اوھان جا ترقياتي منصوبا پايه تڪميل تائين پھچي سگھندا ۽ اھا سنڌ ڪيئن ترقي ڪري سگھندي جنھن جي نڙي تي ڌاڙيل لت ڏنيون ويٺا آھن.