پوليس جي پرامن مظاهرين تي لٺبازي

تحرير: غلام حسين جوڻو

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، قومپرست اڳواڻ ۽ استاد هدايت الله لوهار کي نصيرآباد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. سندس قتل تي سنڌ واسين کي ڏاڍو دلي صدمو ۽ ڏک پهتو. ان واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ هڙتالون ڪيون ويون. احتجاج ڪيا ويا. جيڪي اڃا به جاري آهن. واقعي جي مذمت ڪئي ويئي ۽ اهو مطالبو ڪيو ويو ته، قاتلن کي گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن واقعي جي پوليس ٿاڻي تي ايف آءِ آر به ڪٽيل آهي. پر ڪيترا ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ به پوليس ڏوهارين ۽ قاتلن کي گرفتار ڪونه ڪيو آهي. پوليس هن واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي. عوامي مطالبي ڪرڻ جي باوجود به پوليس جي ڪن تي جونءَ به ڪانه ٿي رڙهي. پوليس کي ڪابه پرواهه ڪونه آهي. ڄڻ ته مذڪوره واقعو ٿيو ئي ڪونه آهي. عوام هروڀرو رڙيون ۽ دانهون ڪندو وتي

تازو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته، شهيد هدايت الله لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ا هدايت الله لوهار جي خون سان انصاف لاءِ لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪريون ٿي پيون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مظاهرين رتورت ٿي ويا. جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. اهو ڌرڻو لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ چوڪ تي هنيو ويو. جنهن ۾ مقتول استاد جي وارثن، استادن، اديبن، شاعرن، ساڃاهه وندن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ عورتن ۽ مردن توڙي معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقتول استاد هدايت الله لوهار جي نياڻين سسئي لوهار، سورٺ لوهار، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو، اياز ڪورائي، سرفراز ميمڻ، خالد چانڊيو، استاد گل دايو ۽ ٻين مقررين چيو ته، استاد هدايت الله لوهار سنڌ واسين ۾ شعور پکيڙي هميشه امن، محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي. جنهن کي سفاڪ قاتلن ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. استاد هدايت الله لوهار جو خون لوڙهيو ويندو. هاڻ، واڳ ڌڻين کان اهو مطالبو ٿو ڪيو وڃي ته، فوري طور استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ان احتجاج ۾ پوليس جي ڪارروائي تي سنڌ واسين جو رد عمل اچڻ به شروع ٿي ويو آهي. بدين ۾ جساف (آريسر) پاران لاڙڪاڻي ۾ شهيد استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙن جي مٿان، پوليس جي لاٺي چارج، قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف بدين ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته، سنڌ ۾ هر طرف بدامني عروج تي آهي. ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ ۽ دهشتگرديءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف پر امن احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن جي مٿان لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس جي غيرقانوني ڪارروائي جي مذمت ڪجي ٿي ۽ مطالبو ڪجي ٿو ته ان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف قدم کنيا وڃن.

ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجي، لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريليءَ تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، پنهنجن حقن لاءِ پرامن احتجاج ۽ آواز اٿارڻ هر شهريءَ جو حق آهي. هاڻ، سنڌ جي ماڻهن کان پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق کسيو پيو وڃي ۽ انهن جي آواز کي دٻائڻ بربريت، آمريت ۽ ظلم آهي. نام نهاد جمهوريت جي جبي ۾ آمر ذهنيت سنڌ تي مسلط ڪئي ويئي آهي. سسئي ۽ سورٺ لوهار پنهنجي والد شهيد هدايت الله لوهار جي قتل خلاف پر امن احتجاج ڪري رهيا هئا. اهو سندن قانوني، جمهوري ۽ انساني حق آهي. جيڪو انهن کان کسيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جو اهو رويو، سنڌ جي ماڻهن ۾ انارڪي ۽ شديد بيزاري کي جنم ڏيندو. سنڌي ادبي سنگت پاران، هدايت الله لوهار جي وحشياڻي قتل جي خلاف لاڙڪاڻي ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن جي مٿان رياستي تشدد ڪري سنڌ جي نياڻين سسئي ۽ سورٺ لوهار، ليکڪ ۽ اديب تاج جويو ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪيو آهي.

پرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو قانوني ۽ آئيني حق آهي جيڪو ڪنهن کان به کسڻ نه گھرجي. باقي مظاهرين تي پوليس هٿان چڙهائي ڪري لٺيون وسائڻ، آنسوگئس جو استعمال ڪرڻ ڪهڙي جمهوريت ۾ آهي. وري مظاهرين کي گرفتار ڪري ٿاڻن ۾ منتقل ڪرڻ آمرانه دور ۾ ٿيندو رهيو آهي. جيئن پوليس لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪندڙن سان سلوڪ روا رکيو. پوليس هونئن ته مقتول جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي مطالبي کي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهي ته پوءِ عوام مجبورن  روڊن، رستن ۽ پريس ڪلبن آڏو احتجاج ته ڪري سگھي ٿو. باقي عوام وٽ ڪهڙو هٿيار آهي جيڪو استعمال ڪري. هاڻ عوام وٽ بچيو ڇا آهي. احتجاج کانسواءِ ٻي ڪهڙي واٽ رهي آهي جنهن سان عوام کي هلڻ گھرجي. عوام لاچار، مجبور، بيوس ۽ محتاج بڻجي احتجاج ڪري ٿو. احتجاج ان صورت ۾ ڪيو ويندو آهي ته جڏهن ڪير به ٻڌڻ وارو ۽ تدارڪ ڪرڻ وارو ڪونه هوندو آهي ۽ حڪمرانن جو اکيون بند هونديون آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.