انسان جي بناوٽ قدرتي ماحول
جي طرز جي بنياد تي ٿيل آهي.
فطرت سان هٿ چراند اسان جي آس پاس جي ماحول کي مايوس بڻائي ڇڏيو آهي.
هن ڌرتيءَ تي ڏينهون ڏينهن بک بدحالي، ميسارجندڙ سهپ، بدامنيءَ سبب غير يقيني واري صورت حال ۾ خوشيون پرڀرو هليون ويون آهن. هي مسئلو نه فقط سنڌ جو ،پر عالمي مسئلو آهي. فلسطين ۾ ڪربلا جو ڏيک،سهڻيءَ سنڌ ۾ پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل استاد،اديب،معصوم ٻارڙا خونين جو کاڄ بڻجن ٿا، ماضي هجي يا حال مڙئي هڪجھڙو آهي، ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته اک کلي ته سويرو سمجهي مستقبل لاءِ نوان پيچرا ٺاهڻ گهرجن. اهڙي گهگھه اونداهيءَ ۾ همت کي برقرار رکڻ لاءِ خلا جي خال جيڏو حوصلو گهرجي ٿو. پنهنجي مدد پاڻ امن ۽ خوشيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جولاءِ ٻه هزار ٻارنهن ۾ پنهنجي قرار داد 66/281 کي ويھ مارچ تي ڀوٽان ملڪ پاران شروع ڪيل هن ڏينهن کي خوشيءَ جو عالمي ڏينهن قرار ڏئي ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو . جنهن جو مقصد مجموعي طور سماج جي معاشي ترقي ءَ جي خوشي ۽ غربت جي خاتمي طرف اشارو آهي، خوشيءَ جي عالمي ڏينهن جو پائدار ترقيءَ جي حدفن سان سڌي اڻ سڌي طرح تعلق جڙيل آهي.
جيءَ خوش ته جهان خوش. خوشيءَ جي عالمي ڏينهن کي ٻه هزار چويهھ ۾ Happier together جي ٿيم طور ملهايو ويو. ذاتي توڙي پيشاوراڻي زندگيءَ ۾ اڻ وڻندڙ حالتن ۾ رهڻ سان ماڻهو مسلسل ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ذهن جي ڪيميسٽري تبديل ٿيڻ ڪري ڪم ڪار تان ارواھ کڄيو وڃي طبيعت ۾ ڪاوڙ چڙ يا سستي ۽ اندر ۾ طوفان پيدا ڪندڙ ظاهري خاموشي گهرن ۾ اڻت بڻت جو سبب بڻجي سڪون برباد ڪري ٿي.
ڪم ڪار ڌنڌا ڌاڙي بريءَ طرح متاثر ٿيڻ سان جيڪو پڻ ملڪ قوم گهر پاڙي ڳوٺ خطي جي معاشي بحران جو سبب بڻجي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ مناسب حل ڳولي پنهنجي زندگيءَ کي پرسڪون بڻائي سگهجي ٿو
خوشي ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هر مذهب وارا پنهنجي پاڪ ڪتابن موجب زندگي گذاري عبادت ڪري،نماز مراقبه پڻ ڪن ٿا. پنهنجي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍڻ جي ضرورت آهي. احساسن جو اسان جي زندگيءَ سان گهرو تعلق آهي،جنهن ۾ خوشيءَ وارو احساس هڪ اهم آهي.
ڪجهه پلن جي خوشي اسان کي تازو توانو ڪري ڇڏيندي آهي. ته پوءِ ڇونه دائمي خوشيءَ جا حل تلاشيون. اوهان ڄاڻو ٿا ته ، دماغ اسان جي جسم ۽ emotions / احساسن کي ڪنٽرول ڪندو
آهي. دماغ ۽ نيورو ٽراسميٽرز جي مختلف سائنسي تحقيق ثابت ڪيو آهي ته جڏهن اسان خوشي محسوس ڪندا آهيون ته اسان جو دماغ ڪجهه اهڙا هارمونز خارج ڪندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان خوشي محسوس ڪندا آهيون،اسان کي انهن هارمونز بابت ضرورت ڄاڻڻ گهرجي. اهڙو ڇا ڪريون يا ڇا کائڻ گهرجي جيئن انهن هارمونز کي رليز ڪرائڻ جا طريقا سکي وٺون خوشگوار زندگيءَ طرف قدم وڌائي سگهون.
سڀ کان پهرين ذڪر ڪريون ٿا ڊوپامائين جو جنهن کي fell good هارمون يا Motivation chemical به چوندا آهيون. جڏهن اهو هارمون خارج ٿيندو آهي ته اسان اندر ۾ سٺو محسوس ڪندا آهيون. اسان جي motivation level وڌندي آهي ۽ ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ٿيندا آهيون.
ڊوپامائن: ڊوپامائين کي رليز ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ننڍي ننڍي ڪمن جي شروعات ڪيو يا وري ڪم کي حصن ۾ ورهايو. جيئن ئي اوهان پهريون ڀاڱون مڪمل ڪري پاڻي کي ٿڦڪي، شاباشي ڏيو. ائين ڪرڻ سان اوهان جو دماغ ڊوپامائن رليز ڪندو،جيڪو اوهان جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۽ تڪميل ڏيڻ لاءِ انرجي پيدا ڪندو اوهان ۾ ذهني آمادگي پيدا ٿيندي. وڊيو گيمز به ڪجهه ان طرز تي Levels جي صورت ۾ ٺاهيل هونديون آهن۔ جيئن ئي اوهان پهريون حصو مڪمل ڪندا ته ٻئي ليول لاءِ بيتاب ٿيندا آهيو.
آڪسيٽوسن :اهڙيءَ طرح خوشي محسوس ڪرڻ سان دماغ هڪ ٻيو هارمون آڪسيٽوسن رليز ڪندو آهي. تڏهن به اسان خوشي محسوس ڪندا آهيون. جنهن کي Love هارمون به چوندا آهن. آڪسيٽوسن سوشلائيز ٿيڻ، پنهنجي پيارن ويجهي رشتن،دوستن گهڻ گهرين ۽ پالتو جانورن سان وقت گذارڻ ،جن سان اسان جو روحاني،دلي ڳانڍاپو هوندو آهي،تن سان ملڻ وقت آڪسيٽوسن رليز ٿيندو آهي ۽ ان جو جادو اوهان کي پرسڪون بڻائيندو آهي. اهڙيءَ طرح خوش رهڻ جا ڪجهه اصول جوڙي عمل ڪرڻ سان اندر جي دنيا ۾ گلزاري پيدا ڪري، من کي مهڪائڻ جو انتظام ڪري سگهجي ٿو.
ايڊروفين :هي هڪ اهڙو هارمون آهي جنهن کي جسماني سرگرمين،ڪثرت سان رليز ڪرائي سگهجي ٿو. جيڪو سٺو محسوس ڪرائڻ،مزاج کي بهتر رکڻ وارو هارمون آهي. اوهان کي خوشيءَ جو احساس ڏياريندو آهي. هيٺين ڪجهه اصولن تي عمل ڪرڻ سان پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن لاءِ خوشگوار معاشرو جوڙي سگهجي ٿو، جنهن سان انسانيت ۽ اوهان جي ذهني بيمارين تي خرچ ٿيندڙ رقم به بچي ويندي، اوهان روز مره جي ڪرت ۾ چست هوندا ۽ پنهنجي گهر ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ پر امن پائدار خوشي حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ معاشي خوشحاليءَ ۾ ڀرپور حصو وجهي سگهجي ٿو.
شڪر گذاري جي مشق ڪرڻ. پنهنجي زندگيءَ ۾ موجود شين جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍي عادت وجهو. پنهنجي پيارن سان ويجهڙائي اختيار ڪرڻ. دوستن ،خاندان ،گڏ ڪم ڪندڙ عملي سان حسن سلوڪ تعلق کي وڌائي ۽ برقرار رکي ٿو.
ننڊ پوري ڪرڻ. ننڊ مجموعي صحت لاءِ تمام ضروي آهي. پوري ننڊ ذھني ڇڪتاڻ کان بچائي ٿي. متوازن غذا. غذائيت سان ڀرپور کاڌن مان توائي ملي ٿي،مزاج ۾ بهتري پيدا ٿئي ٿي.
مجموئي طور جيڪي مشغلا اوهان کي پسند آهن،اها ڪرت انجام ڏئي انعام هارمون، ڊوپامائن کي رليز ڪري سگهجي ٿو . ٻاهر وقت گذارڻ سير سياحت فطرت ۾ رهڻ اوهان کي تندرست بڻائي ٿو. مثبت ٽولي ۾ رهڻ. منفي ماڻهن کان پر ڀرو رهڻ.
ٻڌڻ جي وقت چونڊ ڪريو صحت لاءِ مضر محفلن کان پرڀرو رهڻ،پنهنجي لاءِ وقت ڪڍي سٺا منصوبا جوڙڻ مرڪ چپن تي سجائي رکڻ سان پنهنجو شيون ونڊڻ نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا ڪم هڪ ٻئي سان جڙي ننڍا وڏا ڪم سرانجام ڏيڻ اوهان جي مستقل خوشيءَ جو ضامن آهي.
يونيسڪو جي هن پيغام سان اچو ته خوشيءَ جي مشعل کي اڳتي کڻي هلون، جتي به وڃون خوشيون پکيڙيون. هن سال جي ‘Happier together ‘ جو موضوع اسان کي ياد ڏياري ٿو ته دائمي خوشي ٻين سان جڙيل هجڻ پر امن،مثبت رويو اختيار ڪرڻ ن،معاف ڪرڻ ۽ ڪنهن ڊگهي منصوبي، مقصد جو حصو ٿيڻ سان حاصل ٿئي ٿي.