خان ڳڙهه ۾ سام طور پهتل 2 نوجوان ناريون گهوٽڪي مان مبينا طور اغوا

خانپور مهر (عوامي آواز نيوز ) خان ڳڙھ ۾ سام طور پهتل 2 نوجوان ناريون گهوٽڪي مان مبينا اغوا ٿي ويون، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن زبردستي شادي جي خوف کان خان ڳڙھ پهتل ناريون گهوٽڪي مان اغوا ٿي ويون، ذريعن جو چوڻ آهي ته نارين پنهنجو تعلق ملڪ برادري سان  ٻڌايو هو، جيڪي زبردستي شادي جي  خوف کان خان ڳڙھ پهتيون هيون، ٻئي پاسي ٽيڪسي ڊرائيور جي وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن هن جو چوڻ هو ته  بابو مهر نالي شخص گهرائي چيو ته ٻنهي نارين کي گهوٽڪي ۾ ڪوچ جي اڏي تي پهچائڻو آهي، نارين کي کڻي ڪوچ جي اڏي تي پهتس ته موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوارن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، ڊرائيور شبير سيال موجب ڪار ۽ موٽرسائيڪل سوار ٻنهي نارين کي  زبردستي گاڏي مان لاهي ڪار ۾ ويهاري  سکر طرف روانا ٿي ويا، ٻئي پاسي وڏي منشي جو چوڻ آهي ته اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، ٻن نارين جي اغوا جو اطلاع مليو، معاملي  جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.