ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني مسيحي نوجوانن کي سياست ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته جيستائين نظام خلاف نه ڳالهائينداسين بهتري نه ايندي، پاڪستاني معاشري ۾ اقليتي برداري ٻوساٽيل آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه هولي ٽينيٽي چرچ ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني وڌيڪ چيو ته پ پ قيادت مسيحي برداري جي وجود کي تسليم ڪندي پريڪٽيڪلي عمل ڪري به ڏيکاريو آهي، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 2012 ۾ واعدو ڪيو هو، جيڪو 12 سالن بعد پورو ڪري ڏيکاريو ۽ مون کي اهم ذميواري ڏني آهي، منهنجي خوشي ملهائڻ سٺي ڳالهه آهي پر هاڻي نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي، جئين اهڙي خوشي وري 75 سالن بعد نه ملهايون، پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائڻو پوندو، هولي ٽرينيٽي چرچ جي صدر فريڊرڪ جان چيو ته پ پ مسيحي برداري لاءِ هميشه سٺو ڪم ڪيو آهي،
نويد انٿوني کي صوبي جي وڏي عهدي تي آڻڻ سان خوشي ٿي آهي، هن چيو ته نويد انٿوني اسان کي ٻڌڻ آيو آهي اميد ته اسان جي مسئلن کي ضرور ٻڌندو،