بدين(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) بدين جي مال پڙي واري علائقي مان 10 ڏينھن گم ڄاڻايل پورهيت ۽ سندس دوست عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ڌاڙيلن جو وارثن کي فون 50 لک رپيا ڀنگ جي گهر، ڏهه ڏينهن پهرين بدين شهر جي وارڊ 8 مان پراسرار نموني گم ٿي ويل پورهيت مير حسن بروھي ۽ سندس دوست ارشاد بروهي پٽ قلندر بخش موبائل فون تي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو ته گهوٽڪي جي ڪرم پور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي قيد ٻنهي دوستن جي آزادي عيوض ڌاڙيلن ٻنهي مغوين جي وارثن کي فون ڪري 50 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنهي کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، ان ڏس ۾ ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو ته آهي موبائل فون تي عورتاڻي آواز هرکجڻ بعد ٻئي دوست 10 ڏينھن پهرين گهر وارن کي سڪرنڊ ۾ مزدوري ملڻ جو چئي گهران نڪري ويا هئا جڏهن ته ٻنهي چاچن ڀائٽين جي اغوا ۽ ڌاڙيلن وٽ قيد هئڻ جي تصديق ٿيڻ بعد سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ان ڏس مغوي مير حسن بروھي جي زال عائشه بروهي ۽ ارشاد جي پيءُ قلندر بخش بروهي ايس ايس پي بدين وٽ پهچي لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي ته ٻنهي مغوين جي فون تان پاڻ کي سيد سڏائيندڙ همراهه فون ڪري مغوي گهوٽڪي جي ڪرمپور واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد هئڻ ۽ 50 لک ڀنگ پهچائڻ ڏيڻ ٻي صورت ۾ ٻنهي مغوين کي نقصان پهچڻ جو ڌمڪي وارو نياپو ڏنو آهي هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي .