ماحوليات جي ترقي جي نالي تي ترا ڪڍڻ جا نوان طريقا

تحرير: محمد علي نقرچ

دنيا ۾ ماحول جي ڀڃ ڊاهه وڏو مسئلو ٿي اڀريو آهي، اهو ڪو ڪجهه ڏينهن ۽ سالن جو نه پر ڪجهه ڏهاڪن تي ٻڌل مسئلو آهي، جيڪو دنيا جي طاقت ور يا کڻي چئجي سڌريل ملڪن به نظرانداز ڪندي پنهنجي مفادن کي اڳيان رکيو، ان جا نتيجا ڪجهه ڏهاڪن بعد سڌريل ملڪن سان گڏ غريب توڙي امير يا اسرندڙ ملڪ به ڀوڳي رهيا آهن، دنيا جي سڌريل ملڪن عوام جي ترقي ۽زندگي جي ماحول کي تبديل ڪرڻ جي نعري هيٺ وڌ کان وڌ ڪاخانا وڏا ۽ ننڍا لڳايا، جهاز، ٻيڙا، هيوي مشنيري کان ويندي ننڍين گاڏين تي زور رکيو، ان کانسواءِ معاشري کي بهتر کان بهتر بڻائيندڙ ٻيلا، وڻ ٽڻ، باغ توڙي ساوڪ کي به نشانو بڻايو ويو، ٻيلا توڙي وڻ وڍي فيڪٽرين ۾ ٻارڻ ڪيا ويا، باغ ۽ ساوڪ کي وڌائڻ بدران انهن کي ختم ڪري اتي ڪارخانا ۽ رهائشي علائقا ٺاهي دنيا کي مصنوعي طريقي طرف آندو ويو.

اهڙي طرح دنيا کي ماحوليات جي سنگين مسئلن ڏانهن هر طرف کان وڌندڙ وک جي مدد ڪئي وئي ۽ جيڪا وک ماحوليات کي بچائڻ لاءِ کنئي وئي ان ۾ رڪاوٽون ئي رڪاوٽون وڌيون ويون، اهڙين رڪاوٽن لاءِ ترقي جي نالي تي ترا ڪڍڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا، جئين سامونڊي طوفانن کي روڪڻ لاءِ ڪم ايندڙ تمر جي ٻيلن کي وڍڻ ۽ ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي ختم ڪري اتي نوان شهر اڏڻ، سامونڊي ٻيڙن جي ڪاري تيل کي درست ٺڪاڻي لڳائڻ بدران سمنڊ ۾ ڇڏي ڏيڻ کان وٺي هر اهو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن تي ڪير پچڻ وارو نه هجي، ماحول کي ٿڌو ڪندڙ ۽ عوام کي آڪسيجن فراهم ڪندڙ ٻيلن کي وڍي فرنيچر توڙي عام ٻارڻ لاءِ استعمال کي به هٿي ڏئي پئي وڃي، انسان کي آرام لاءِ فرنيچر ڏيڻ جي نالي تي ٻيلن جي تباهي ڪئي پئي وڃي پر ٻيلن کي وڌائڻ لاءِ ڪي طريقا نه ٿا ڳوليا وڃن، جيڪي ٻيلا قدرتي آهن انهن کي به ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جنهن کي به روڪڻ لاءِ سرڪاري سطح تي عملي تحرڪ نظر نه ٿو اچي، اهو عمل ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو.

پاڪستان به دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول کي مسلسل منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ بي وقتائتي برسات، ٻوڏ سان گڏ گرم موسم، ڪنهن محل گرم ته ڪنهن محل سيءَ ٿي وڃي ٿو، ان سموري تبديل ٿيندڙ ماحول کي پاڪستان سرڪار دنيا کي ذميوار قرار ڏئي ٿي، اها ڪنهن حد تائين درست به آهي پر ڇا پاڪستان سرڪار خود ماحول بچائڻ لاءِ ماحوليات تي ڪيترو ڪم ڪيو آهي، ان بابت عوام آڏو ڪو به کڻڻ جهڙو مثال موجود نه آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي خاتمو تيزي سان ٿي رهيو آهي، ان عمل ۾ سنڌ صوبو پهرين نمبر تي آهي، جتي ٿر هجي يا ڪاڇو، ڪچو هجي يا پڪو جتي ڪٿي وڻن جي واڍي جي مهم هلي ٿي، ڪٿي سرڪار جي پرچي ته ڪٿي وري چوري ته ڪٿي وري زوري وڻن جي واڍي جو عمل جاري آهي، جنهن خلاف مقامي سطح تي ٻيلا بچايو تحريڪون به هلن ٿيون پر انهن کي به نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ماحوليات کي بچائڻ لاءِ وقت به وقت عوام متحرڪ ٿيندو رهيو آهي پر ماحول کي تحفظ ڏيڻ جي ذميوار سرڪار ڪڏهن به وڏي پئماني تي اهڙي ڪڏهن به  مهم نه هلائي آهي ته ٻيلا بچائڻ سان گڏ نوان ٻيلا پوکيا ويا هجن، سنڌ جي عوام صوبي جي زراعت کي بچائڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪامياب مهم هلائي، سنڌ جي پاڻي کي روڪڻ صوبي، کي سڪائڻ واري منصوبي خلاف اڃا تائين عوام آواز اٿاري ٿو پر ان جو آواز ايوانن ۾ ويٺل حڪمران نظرانداز ڪرڻ ڪا نه ٿا ڪيٻائين.

ترقي جي نالي تي ٿر جي ڪوئلي کي زمين مان ڪڍي ڪوئلي مان بجلي ٺاهي پئي وڃي، ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جا منصوبا دنيا ماحول دوست نه هجڻ ڪري ختم ڪري رهي آهي پر اسان جي سرڪار ٿر بدلي گا پاڪستان جي نالي تي ڪوئلي مان بجلي ٺاهي عوام کي خواب ڏيکاري رهي آهي، ان سان گڏ جيڪا مقامي سطح تي تباهي اچي رهي آهي ان کي به سرڪار نظرانداز ڪري اڳتي وڌي رهي آهي، سرڪار ڇا پئي نظرانداز ڪري ان ۾ ڪوئلي جي کوٽائي توڙي  بجلي گهرن مان نڪرندڙ زهريلي دونهين سان زندگين کي پهچندڙ نقصان، ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ جر جي پاڻي ڪڍي هڪ طرف گوڙاڻُو ڊيم ۾ ڇڏڻ سان ڊيم جي چوڌاري علائقي ۾ مٽي پاڻي جا کوهه کارا ٿي وڃڻ، ٿر جي عوام لاءِ سون جيتري اهميت رکندڙ مٺي پاڻي جي فراهمي جا ذريعا کوهه کارا ٿي وڃڻ، ڊيم جي سم سان وڏي ايراضي متاثر ٿيڻ شامل آهي.

ٿر جي عوام کي ترقي جا خواب ڏيکاري سندن زمينون کسڻ، زمينون خراب ڪرڻ سان گڏ ماحول کي خراب ڪرڻ جي ذميواري سرڪار ايتري کڻي رهي آهي ته متاثر علائقن جي عوام کي دربدر ڪري ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ جا مشورا خوب ڏئي رهي آهي، سرڪار جي اهڙي ماحول دشمن سرگرمين خلاف ٿرڪول جي متاثر ماروئڙن گوڙاڻو ڊيم جي چوڌاري گڏ ٿي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، جنهن ۾ جيون سانجھ راڄوڻي اتحاد، پاڪستان ماحولياتي تحفظ موومينٽ، ڪلائيميٽ ايڪشن سينٽر، انڊيجينيئس رائٽس الائنس، صحافين، مقامي ماڻهن  سان گڏ ماحول دوستن حصو ورتو  ۽ سرڪار تي زور ڀريو ته   ڪوئلي جي گدلي پاڻي جا ذخيرا انساني آبادي کان پري محفوظ انداز ۾ بڻايا وڃن ۽ ڪوئلي جي هاڃيڪار اثرن کي روڪڻ لاءِ سياسي ۽ قانوني اپاءُ ورتا وڃن، جيئن گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي، عوام پاران اٿندڙ اهڙي آواز تي سنڌ سرڪار يا پاڪستان سرڪار جو ڪو به موقف سامهون نه آيو آهي، نه وري ڪلائمينٽ چينچ کاتي ڪو ردعمل ڏنو آهي، ان مان اهو پيغام ملي وڃي ٿو ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي سرڪار ترقي جي نالي تي تباهي جي ثمر گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آهي، نه ڪي ماحول کي بچائڻ لاءِ عوام جي اٿندڙ آواز کي ورنائڻ واري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.