آغا خان يونيورسٽي پاران 3.3 ميگاواٽ سولر فوٽو وولٽڪ پروجيڪٽ جي شروعات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ ( اي ڪي ڊي اين) جي 2030ع تائين ( Net Zero ) جي عزم جي حوالي سان آغا خان يونيورسٽيءَ پنهنجو هنيئر تائين جو سڀ کان وڏو سولر فوٽو وولٽڪ پروجيڪٽ لڳائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
ان منصوبي کي شروع ڪرڻ لاءِ ايڪسائيڊ پاڪستان لميٽڊ سان هڪ معاهدي تي صحعحين لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي.


معاهدي موجب، ايڪسائيڊ پاڪستان لميٽڊ آغا خان يونيورسٽي، اسٽيڊيم روڊ، ڪراچي، پاڪستان ۾ عملي جامو پهرائيندي.
قابلِ تجديد توانائي ( Renewable Energy) گرين هائوس گيسن جي اخراج گهٽائڻ ۽ صاف توانائي واري نظام ۾ منتقلي جي سڀ کان وڏن اثرائتن طريقن منجهان هڪ آهي، پاڪستان ۾ شمسي توانائي تمام گهڻي آهي جيڪا ملڪ ۾ توانائي جي پيداوار لاءِ سولر پي وي کي مثالي مدد فراهم ڪندي آهي.
2022ع ۾ آغا خان يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي ڪئمپس جي ٽن ڇتن تي 550 ڪلو واٽ سولر پي وي لڳائي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ انتهائي سازگار منافعو ٿيو.
اڄ شروع ٿيل پروجيڪٽ تي لڳايل 3.3 ميگاواٽ سولر پي وي ٻين ڇتن سان گڏوگڏ ڪئمپس جي ٽن وڏن پارڪنگ ايرياز تي لڳايا ويندا جنهن جو مقصد بجلي فراهمي سان گڏگڏ هيٺ موجود گاڏين کي سج جي روشني کان بچائڻ به آهي، نوان سولر پئنلز مرحليوار لڳايا ويندا اِهو پروجيڪٽ اپريل 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو.
ان موقعي تي آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سيلمان شهاب الدين خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هي اسان جي ڪاربن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ واري منصوبي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو قدم آهي جنهن جي شروعات اسان 2022ع ۾ ڪئي، هي پروجيڪٽ آغا خان ڊيولمپينٽ نيٽ ورڪ ۽ آغا خان يونيورسٽي جي ماحول، پائيداري ۽ قابلِ تجديد توانائي ذريعي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان جي مضبوط عزم کي ظاهر ڪري ٿو.
آغا خان يونيورسٽي جي 2030ع تائين نيٽ زيرو هدف ۾ قابلِ تجديد توانائي ۽ ٻين حڪمت عملين جو استعمال ڪندي مطلق اخراج گهٽائڻ شامل آهي، آغا خان يونيورسٽي اخراج گهٽائڻ لاءِ انهن سمورن شعبن ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي.
ان ڏس ۾ ايڪسائيڊ پاڪستان لميٽڊ جي ڊائريڪٽر الطاف هاشواني چيو ته صاف ۽ مفت بجلي فراهم ڪرن لاءِ آغا خان يونيورسٽي ۽ ايڪسائيڊ لميٽڊ وچ ۾ ڀائيواري قابلِ تعريف آهي، هي پروجيڪٽ نه رڳو آغا خان يونيورسٽي کي فائدو پهچائي ٿو پر ٻين اسپتالن ۽ يونيورسٽين لاءِ قابلِ تجديد توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ روشن مثال پڻ قائم ڪري ٿو.
هن چيو ته لڳاءُ ۽ سهڪار ذريعي اهڙي قسمن جا قدم مختلف صنعتن ۾ پائيداري جي ڪوششن تي گهرو اثر جهندا ، پروجيڪٽ جو ڪاميابي سان نفاذ آغا خان يونيورسٽي کي ڪاربن کان پاڪ صحت جي سار سنڀال ۾ هڪ روڊ ماڊل بڻائيندو.
شمسي منصوبو ڪي اليڪٽرڪ پاور گرڊ تي پوندڙ بار کي گهٽائيندو ۽ مقامي هوا جي معيار کي بهتر بڻائيندو، سولر پي وي نه رڳو ڪاربن کان پاڪ بجلي فراهم ڪري ٿو پر بجلي جا اگهه به واضح طور تي گهٽائي ٿو.
ان کانسواءِ فوسل فيول کان آزادي فراهم ڪري ٿو ۽ گوڙ ۽ فضائي آلودگي کي گهٽائي ٿو.
هن منصوبي سان هر سال 1900 ٽن CO2e يا ڪار ۾ 800,000 ليٽر پيٽرول ٻارڻ سبب پيدا ٿيندڙ مساوي اخراج جي بچت متوقع آهي، هي ڪوشش ماحولياتي ذميواري لاءِ آغا خان يونيورسٽي جي عزم کي واضح ڪري ٿي ۽ ان سان نه رڳو پاڪستان جي اندر پر عالمي سطح تي موسمياتي مسئلن ۾ هڪ اڳواڻ جي حيثيت ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.