غريب ترين ملڪن جي فهرست جاري، پاڪستان به شامل

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) دنيا جي غريب ترين ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڏکڻ سوڊان پهرين نمبر تي آهي.
آمريڪي مالياتي رسالي فوربس موجب آءِ ايم ايف اها لسٽ ملڪي آبادي جي في ماڻهو جي ڊي پي ۽ ماڻهن جي خريداري جي سگهه جي صلاحيت جي بنياد تي ترتيب ڏني وئي آهي.
جي ڊي پي ملڪ جي گڏيل اقتصادي پيداوار جي پئمانو آهي جڏهن ته ماڻهن جي خريداري جي قوت، زندگي جي معيار جو به تعين ڪري ٿي.
2011ع ۾ آزادي ماڻيندڙ ڏکڻ سوڊان دنيا جو نئون ۽ غريب ترين ملڪ آهي جنهن جا سبب سياسي بحران، تڪرار ۽ محدود انفراسٽرڪچر آهن.
آءِ ايم ايف دنيا جي غريب ترين ملڪن جي لسٽ ۾ پهرين 10 نمبرن ۾ آفريقي ملڪ شامل آهن، لسٽ ۾ ڏکڻ سوڊان کان پوءِ ٻيو نمبر برونڊي جو آهي جنهن جي في ماڻهو جي ڊي پي 936.42 ڊالرآهي.
اهڙيءَ طرح ٽين ۽ چوٿين نمبر تي به آفريقي ملڪ وچ آفريقي جمهوريه ۽ عوامي جمهوريه ڪانگو آهن، موزمبيق جو پنجون نمبر جڏهن ته ان کان پوءِ ترتيبوار ملاوي، نائيجر، چاڊ، لائبيريا ۽ مڊغاسڪر جو نمبر اچي ٿو.
غريب ترين ملڪن جي لسٽ ۾ نيپال جو نمبر 40 هون آهي. اهڙيءَ طرح ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان غريب ترين ملڪ نيپال آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جو نمبر 52 هون آهي جڏهن ته بنگلاديش 62 ۽ ڀارت 63 هين نمبر تي آهن.
ان جي ابتڙ دنيا جي امير ترين ملڪن جي اعتبار سان لڪسمبرگ پهرين نمبر تي آهي جنهن جي، جي ڊي پي 145،834 ڊالر في ماڻهو آهي. ان کان پوءِ آئرلينڊ، سنگاپور ۽ قطر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.