قومي اسيمبلي مان ست آرڊيننسز منظور، پ پ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ طرفان ست آرڊيننس پيش ڪيا ويا جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جي احتجاج باوجود منظور ڪيا ويا.
قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ترميمي آرڊيننس، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن آرڊيننس، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ آرڊيننس، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ترميمي آرڊيننس، فوجداري قانون ترميمي آرڊيننس، نجڪاري ڪميشن ترميمي آرڊيننس ۽ ٽيلي مواصلات ايپليٽ ٽربيونل آرڊيننس 2023ع جي مدي ۾ 120 ڏينهن واڌ جي منظوري ڏني وئي.
ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ پ پ اڳواڻ نويد قمر ن ليگ تي تنقيد ڪئي ۽ ڪجهه آرڊيننس تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اهڙي ڪا به شيءِ منظور نه ٿيڻ گهرجي جيڪا ناقابلِ واپسي هجي.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه به پنهنجي تقرير دوران ن ليگ تي تنقيد ڪندي نظر آيو، سندس چوڻ هوته آرڊيننسز جي منظوري تي مخالف ڌر جي موقف سان اتفاق ڪيون ٿا ۽ حڪومتون آرڊيننسز تي ناهن هلنديون.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ هو ته هنن کي ايوان ۾ پيش ڪيل آرڊيننسز بابت آگاهه نه ڪيو ويو هو ۽ ايڏي تڪڙ ۾ قانونسازي نه ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هوته هو ڪيئي ڀيرا وزير رهيو آهي پر ماضيءَ ۾ ايڏي تڪڙ ۾ ڪڏهن قانونسازي ناهي ڪئي وئي.
مخالف ڌر جي احتجاج دوران اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هدايتون جاري ڪيون آهن ته معاملا ڏسڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ مخالف ڌر سميت سمورين پارٽين جي ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي.
ان دوران مخالف ڌر جي ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ آرڊيننسز جون ڪاپيون ڦاڙيو ڇڏيون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ميمبر ايوان ۾ پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته سندن خلاف مجبورن ڪارروائي ڪرڻي پوندي.
اياز صادق اسيمبلي ميمبرن کي ٻڌايو ته هي آرڊيننسز عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) سان هلندڙ معاملن بابت آهن ۽ انهن جي منظوري ۾ دير نٿي ڪري سگهجي.
آرڊيننسز جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.