سڪرنڊ: پلاٽ جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڀائر قتل

سڪرنڊ (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان سابقي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڀائر قتل ٿي ويا.
ڳوٺ ماڙي سابقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان صدورو ۽ محمد وسيم سابقي مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا محمد علي ۽ محمد مٺل سابقي زخمي ٿي پيا.
واقعي کان پوءِ زخمين کي تعلقه اسپتال مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو.
2 زخمين مان هڪ ڄڻي محمد مٺل جلباڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.