اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر يوسف پٺاڻ به اليڪشن وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر يوسف پٺاڻ ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ترينامول پارٽي جي اميدوار طور سامهون اچي ويو.
ڀارتي بنگال جي وزيراعليٰ ممتا بينرجي جي سياسي جماعت آل انڊيا ترينامول پارٽي بهرام پور مان يوسف پٺاڻ کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڀارت جي ترينامول پارٽي آچر ڏينهن لوڪ سڀا لاءِ 42 اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو هو، جن ۾ اڳوڻو ڪرڪيٽر يوسف پٺاڻ به شامل آهي، جڏهن ته بنگالي اداڪارا رچنا بينرجي کي به اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن يوسف پٺاڻ جي ڀاءُ اڳوڻي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ ڀاءُ کي سپورٽ ڪندي چيو ته توهان جو صبر، رحم دلي ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو جذبو، اهو به ان صورت ۾ جڏهن توهان وٽ ڪو آفيشل عهدو ناهي، سڀني کي نظر اچي رهيو آهي.
هن چيو مان پراميد آهيان ته توهان جي سياست ۾ اچڻ سان عوام جي زندگي ۾ تبديلي ضرور ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.