محمد رضوان جو بابر اعظم جي شادي بابت وڏو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان چيو آهي ته شاهين آفريدي ۽ شاداب خان کي مان ئي شادي ڪرڻ جو چيو هو ۽ بابر اعظم به جلد شادي ڪرڻ وارو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته شادي ڪرڻ الله جو حڪم آهي، زال مڙس جو رشتو الله پاڪ وڏو مقدس بڻايو آهي.
هن چيو ته بابر اعظم سان سٺي دوستي آهي، رات دير تائين ڪمري ۾ رهندا آهيون، اسان ٻئي هڪٻئي کي زندگي جي مختلف پهلوئن تي مشورا ڏيندا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن ٻئي جي ڪمري ۾ وڃڻ کان اڳ ميسيج ڪندا آهيون پر بابر ۽ مون وچ ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي، اسان ڪنهن به وقت هڪٻئي جي ڪمري ۾ هليا ويندا آهيون، بابر ۽ مان هڪٻئي مان سکندا رهندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.