پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ بابت ڊيرن سيمي ڇا چيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي ڪوچ ڊيرن سيمي چيو آهي ته پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ بابت في الحال ڪجهه نه چوندس.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊيرن سيمي چيو ته منهنجو ڌيان هن وقت پشاور زلمي جي ڪاميابي ۽ ان جي ڪوچنگ تي آهي، پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ بابت في الحال ڪجهه نه چوندس، رڳو پشاور زلمي کي ٽائيٽل کٽرائڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته پشاور زلمي چار ڀيرا فائنل کيڏيو ۽ هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽيم نائون ڀيرو پلي آف ۾ پهتي آهي، بابر اعظم سبب ٽيم ۾ تجربو آيو آهي.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم هڪ سپر اسٽار آهي، هو سدائين سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسان کي انتظار آهي ته پشاور ۾ ميچون ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.