ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي صدارتي چونڊ جي موقعي تي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، مرڪزي صدر ۽ چئن اسيمبلي ميمبرن حڪومتي حمايت يافته صدارتي اميدوار آصف علي زرداري جڏهن ته پارٽي جي ٻن سينيٽرن سني اتحاد ڪائونسل ۽ اپوزيشن جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي کي ووٽ ڏنا، نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير،بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ،اسيمبلي ميمبرن رحمت صالح بلوچ، خير جان بلوچ ۽ ام ڪلثوم حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي زرداري کي ووٽ ڏنو جڏهن ته پارٽي جي ٻن سينيٽرن طاهر بزنجو ۽ اڪرم دشتي محمود اچڪزئي کي ووٽ ڏنو