ڪراچي( رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 18 هين ترميم جي خالق آصف علي زرداريءَ جي صدرِ پاڪستان بڻجڻ سان آئين ۾ 18 هين ترميم برقرار رهندي ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي مڪمل عمل درآمد ڪرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙو آصف علي زرداريءَ کي وڏي اڪثريت سان ٻيو ڀيرو ملڪ جو 14 هون صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آصف علي زرداريءَ جي صدر جي منصب تي فائز ٿيڻ سان ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل جاري رهندو ۽ پارليامينٽ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي خودمختياري هن وقت نامڪمل آهي ۽ صوبائي خودمختياري جي جن شقن تي عمل نه ٿيو آهي انهن شقن تي عمل درآمد ڪرايو ويندو. هن چيو ته نئون قومي مالياتي ايوارڊ جيڪو هر پنجن سالن ۾ اچڻ گهرجي اُهو اڃان نه ڏنو ويو آهي هاڻي آصف علي زرداريءَ جي صدر چونڊجڻ سان نئين قومي مالياتي ايوارڊ جي جاري ٿيڻ جو رستو هموار ٿيندو. هن چيو ته نئون قومي مالياتي ايوارڊ جاري ڪري صوبن کي معاشي طور مضبوط ڪيو ويندو ۽ نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو 57 سيڪڙو کان وڌايو ويندو ڇاڪاڻ ته آئيني طور تي اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو پر گهٽائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن ان لاءِ ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتميءَ کان پوءِ جيڪي وفاقي وزارتون صوبن جي حوالي ٿيڻيون هيون انهن کي صوبن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ انهن وزارتن جا خرچ پڻ صوبن ڏانهن منتقل ڪري صوبن کي معاشي طور مضبوط بڻايو وڃي. هن چيو ته آصف علي زرداري جي هوندي ملڪ جمهوري، معاشي ۽ سياسي طور تي مضبوط ٿيندو.
-
حيدرآباد ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي، سندس ڀاءُ ۽ جوابدار جا موبائل فون گم
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي، سندس ڀاءُ ۽ جوابدار جا موبائل گم، قاسم آباد ۾ قتل ٿيل قانون جي شاگردياڻي ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو،يسرا بتول پٺاڻ جي قتل ۽ سندس ڀاءُ آڪاش پٺاڻ کي زخمي ڪرڻ واري معاملي جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، واقعي واري هنڌ تان يسريٰ بتول، سندس ڀاءُ ۽ آپگهات ڪندڙ جوابدار جا موبائل پوليس هٿ نه ڪري سگهي،ذريعن موجب پوليس مبينا آپگهات ڪندڙ جوابدار ارشاد کوکر جو موبائل کڻندي هڪ شهري جي وڊيو هٿ ڪرڻ بعد ڳولا شروع ڪري ڇڏي،زخمي شاگرد آڪاش پٺاڻ جي حالت بدستور خراب، وينٽيليٽر تي علاج جاري آهي، اي ايس پي بدليا موجب جوابدار ارشاد کوکر جو موبائيل فون واقعي واري هنڌان گم ٿيو هو،راڻا محمد دلاور موجب موبائيل فون جي ڳولا واقعي واري هنڌان هٿ ڪيل وڊيوز ذريعي ڪئي پئي وڃي،اي ايس پي شاگردياڻي يسرا بتول ۽ سندس ڀاءُ آڪاش پٺاڻ جي موبائيل فون گم ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي.