عالمي ٺڳ ملڪ رياض جي ڪوڙن ڪيسن ۾ حاضريون پيا ڪٽيون: صنعان قريشي

ڪراچي ( پ ر ) ڪراچي، بحريا ٽائون ڪيس ۾ ڪراچي ان سائيڊ سينٽرل جيل اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي سان گڏ جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، آصف مگسي ۽ ٻيا بحريا ٽائون ڪيس جا اسير هئا، ان موقعي تي ڪورٽ ٻاهران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ نه ٻئي ڏينهن تي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ملڪ رياض جيڪو پاڻ انٽرنيشنل فراڊي آهي، جنهن سنڌ جي زمين تي غير قانوني قبضو ڪري بحريا ٽائون جهڙا غير قانوني منصوبا جوڙي رهيو آهي، جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڌرتي جي وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جسقم چيئرمين چيو ته ڪيس سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي جي روايت سمجهون ٿا تنهن ڪري سنڌ جي سلامتي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سگهاري سياسي جدوجهد ذريعي سنڌ جو وجود بچائينداسين، سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش ناڪام بڻائينداسين. جسقم جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ايندڙ ٻڌڻي 26 مارچ تي ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيس جي پوئيواري لاءِ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، ايڊووڪيٽ جمن پنهور، ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري، ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر ،ايڊووڪيٽ اصغر ناريجو ۽ ٻيا موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.