عمران خان پي اي سي چيئرمين شپ لاءِ نامزد ڪيو آهي، شير افضل جي دعويٰ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت دعوي ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي  چيئرمين شپ لاءِ هن کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي بيان جاري ڪندي شير افضل مروت  ٻڌايو ته مان پي ٽي آءِ باني عمران خان پاران پنهنجي اعتماد لاءِ انتهائي مشڪور آهيان هن چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ٽريزري بينچن طرفان خرچ ڪيل سرڪاري خزاني جي هڪ هڪ روپئي جو حقيقي معنيٰ جو حساب ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه  کي يقيني بڻايو وڃي ته پورا وفاقي عوامي خرچ جا حقيقي فائدا ۽ ان جي اصل منصفاڻه وصول ڪندڙن تائين پهچن، شير افضل مروت چيو ته مان پنهجن ساٿين کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرايان ٿو ته اهي ان ڳالهه  تي  ڀروسو رکن ته مان کين ڪڏهن به مايوس نه ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.