اسلام آباد( م ڊ ) وزيراعظم شهبازشريف مختلف ادارن کي خانگائڻ وارو عمل تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ نجڪاري بابت اهم اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ مختلف ادارن کي خانگائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم نجڪاري جي ذميوار ادارن کي پنهنجي صلاحيت وڌائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ان عمل سان معشيت جي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جو عمل تيز ٿيندو، وزيراعظم عملدارن کي چيو ته ڪابينا کڻڻ سان گڏ نجڪاري بابت پيش ايندڙ مسـئلن مسئلن کي منهن ڏيڻ بابت حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي، اجلاس دوران سمورن ادارن جي ڪارڪردگي لسٽ ۽ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي وئي، اجلاس دوران بجلي ڪمپين کي صوبن حوالي ڪرڻ واري تجويز تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.