ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو، سزا جو فيصلو تبديل ڪرڻ بابت قانوني طريقيڪار موجود ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيرِاعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي مختصر راءِ جاري ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ نوَ رڪني لارجر بئنچ ڀٽو صدارتي ريفرنس بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران پيپلز پارٽي جي وڪيلن، احمد رضا قصوري ۽ عدالتي مددگارن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ راءِ محفوظ ڪئي هئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي راءِ تي سمورن 9 ججن جو اتفاق آهي.
سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائيندي چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي آئين موجب شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو.
چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به حڪومت پيپلزپارٽي جي حڪومت جو اماڻيل ريفرنس واپس نه ورتو، شهيد ڀٽو کي سزا آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن موجب نه هئي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل شفاف نه هو.
سپريم ڪورٽ جي راءِ ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 186 تحت ڪنهن به عوامي مفاد بابت قانوني سوال تي صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻي هوندي آهي، اسان جي آڏو سوال هو ته ڇا اڳوڻي وزيرِاعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو حق مليو؟ سوال هو ته ڀٽو ٽرائل دوران ڊيو پراسس ۽ فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪيون ويون؟
سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائيندي چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي آئين موجب شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو.
چيف جسٽس چيو ته، ڀٽو جي سزا جو فيصلو تبديل ڪرڻ جو ڪوبه قانوني طريقيڪار موجود ناهي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ٽرائل آئين ۽ قانون موجب ناهي ٿيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جج قانون موجب فيصلا ڪرڻ جا پابند آهن، جيستائين پنهنجون غلطيون تسليم نه ڪنداسين، تيستائين پاڻ کي درست نٿو ڪري سگهجي.
سپريم ڪورٽ جي راءِ ۾ چيو ويو آهي ته ريفرنس ۾ 5 سوال اٿاريا ويا آهن، ذوالفقار علي ڀٽي جو آئين موجب شفاف ٽرائل نه ٿيو، ڀٽو ٽرائل ۾ بنيادي حقن جي پاسداري نه ڪئي وئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدليا جو ڪم انصاف فراهم ڪرڻ آهي، تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ درست فيصلا نه ڪيا ويا، ماضي جي غلطين کي درست ڪرڻ کانسواءِ درست رخ ۾ نٿو وڃي سگهجي.
سپريم ڪورٽ چيو ته ملڪ جي وڏن قانوني ماهرن جي مدد سان عدالت پنهنجي مختصر راءِ ڏئي رهي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪارروائي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن آرٽيڪل 4، 109 اي موجب نه هئي.
عدالتي راءِ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته عدالت فيئر ٽرائل نه ٿيڻ بابت وڏين آئيني ۽ قانوني خامين جي تفصيلي سبب جي نشاندهي ڪندي، اسلامي تناظر ۾ ڀٽو ٽرائل جو جائزو وٺڻ واري سوال تي عدالت کي مدد فراهم نه ڪئي وئي، انڪري مناسب ناهي ته عدالت ان قانوني سوال تي پنهنجي راءِ ڏئي.
سپريم ڪورٽ طرفان صدارتي ريفرنس تي راءِ ٻڌائڻ وقت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به عدالت ۾ موجود هو ۽ راءِ ٻڌڻ وقت بلاول ڀٽو لڙڪ لاڙي ويٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.