اڄ تاريخي قدم کنيو ويو، 44 سالن کانپوءِ تاريخ درست ٿي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته 44 سالن کانپوءِ تاريخ درست ٿي رهي آهي.
صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ سامهون اچڻ کانپوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ هڪ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي، آصف زرداري طرفان موڪليل ريفرنس ۾ عدالت مڃيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه مليو.
سندس موجب عدالت چيو ته ماضي جي غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ فيصلا ٻڌائي رهيا آهيون، اڄ هڪ تاريخي قدم کنيو ويو آهي، 44 سالن کانپوءِ تاريخ درست ٿي رهي آهي، ان فيصلي سان ملڪ اڳتي ويندو ۽ ترقي ڪندو.
هن چيو ته ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو هڪ اهڙو چُٽو هو، جنهن سان عوام سمجهندو هو ته انصاف ملڻ ڏکيو هوندو، هاڻ اسان تفصيلي فيصلي جي انتظار ۾ آهيون، جڏهن تفصيلي فيصلو ايندو ۽ اسان وڪيلن سان مشاورت ڪنداسين ته مان تفصيل سان ڳالهائيندس.
پ پ چيئرمين ججن ۽ وڪيلن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان فيصلي کانپوءِ مون کي اميد آهي ته نظام سڌي دڳ تي هلڻ شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.