”ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرائيءَ جي حمايت ڪيان ٿو، 9 مئي جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته مان ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرائيءَ جي حمايت ڪيان ٿو، 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺهڻ گهرجي ۽ سي سي ٽي وي وڊيوز ڪڍيون وڃن، اسان فوج خلاف ناهيون، نه ڇڪتاڻ چاهيون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جون مخصوص سيٽون کسي جمهوريت جا بخيا اڊيري ڇڏيا، چونڊن ۾ ڌانڌلي اليڪشن ڪميشن ڪئي آهي، اسان ان خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ چاهيون ٿا، جمهوريت ۾ پرامن احتجاج هر جماعت جو حق آهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي خط ان ڪري لکيو، ڇو ته سياسي استحڪام بنا معاشي استحڪام ممڪن ناهي، اسان جو 70 سيڪڙو پئسو قرض لاهڻ ۾ هليو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.