ڄام ساقي کي ڀيٽا، سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ ڪارونجهر کسيو پيو وڃي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سياسي اڳواڻن، ترقي پسندن، ليکڪن ۽ ساڃاهه وندن، عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجهد جي لاءِ اتساهيندڙ، انقلاب جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ دلين کي روشنيون بخشيندڙ ڪردار هو، سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽  ڪارونجهر کسڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ڌارين کي آباد ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ جي منظم سازش ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اختلاف وساري سنڌ جي ترقي پسندن، قومپرستن ۽ ساڃاهه وندن کي سنڌ جي قومي حقن جي لاءِ گڏجي ميدان تي اچڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه  حيدرآباد پريس ڪلب ۾ کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي جي سندس دوستن ۽ نظرياتي ساٿين پاران ڪوٺايل ڇهين ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ورسي تقريب ۾ مختلف سياسي، قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن جي اڳواڻن، شاگردن، صحافين، اديبن، ليکڪن، وڪيلن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ ڄام ساقي جي ساٿي ۽ کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊئي ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد گهڻ رخي هئي، سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ وارين سازشن کي قبول نه ڪنداسين، سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آندو پيو وڃي،  پاڻي چوري ڪري سنڌ کي سڪايو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏيڻ وارو فيصلو سنڌ جي حقن ۽ خومختياري تي وار آهي، اهڙا قدم قومن جي خودمختياري کسڻ جي ڪوشش آهن. هن چيو ته سڄي سنڌ جا جبل ختم ڪري درياهه جي واري به ڪڍرائي ويا آهن، پر هاڻ ڪارونجهر به هنن کان برداشت نٿو ٿئي، ڪارونجهر جي ڪٽائي سنڌ جو ماڻهو برداشت نٿو ڪري سگهي، ان ڪري حڪمران ۽ اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي وسيلن، جبلن، زمينن ۽ شهرن جي حوالي سان پاڻمرادو ڪو به فيصلو ڪرڻ جو حق نٿا رکن. پ پ  اڳواڻ گل محمد جکراڻي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جو هر عمل انقلابي ۽ جمهوري هو، هن مظلوم قومن ۽ طبقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڄام ساقي شاگردن تنظيمن ۾ ٿيندڙ جهيڙن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ڪامريڊ روادار ماڻهو هو، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجهد جي وچن جي علامت آهي، هن چيو ته حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، اڄ هدايت لوهار جهڙا سياسي ڪارڪن اسڪول ويندي رستي ۾ ماريا وڃن ٿا، جاگيردارن ۽ ملڪ رياض جهڙن ماڻهن کي اقتداري پارٽيون گڏ کڻي هلن ٿيون. ڪامريڊ انور پنهور چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ظلم ۽ جبر جي سڄي نظام کي للڪاريو، هو سوشلزم تي اٽل بيٺل رهيو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي چيو ته وڏيرا شاهي ۽ جاگيردار مضبوط ڪيا ويا آهن، ان ڪري انهن جاگيردارن ۽ وڏيرا شاهي سان مهاڏو اٽڪايون، سنڌ جو وڏيرو غدارن وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڳ ٻڌندا هئاسين ته نوڪريون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن وڪرو ٿئي ٿي، پر هاڻوڪين چونڊن ۾ خبر پئي ته ايم پي اي ۽ ايم اين اي جون سيٽون به وڪرو ٿيون آهن. هن چيو ته سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن ماڻهن جي لاءِ سنڌ عظيم هئي، تازو سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪيون ويون آهن. پ پ  اڳواڻ ويرجي ڪولهي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ نظرئي جو نالو هو، پ پ جي سرفراز راڄڙ چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي تاريخ ساز فقير منش ماڻهو هو، حيدرآباد روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومري چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پاڪستان جي سياسي تاريخ جو وڏو ڪردار آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي هر آمر  جي دور ۾ جيلن ۽ قيد خانن جي سختين کي منهن ڏنو، ڪامريڊ ڄام ساقي ۾ ڪا به لالچ نه هئي، هو قرباني ڏيڻ جي لاءِ سوچيندو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي جي پٽ سارنگ ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجهد جو نالو آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي سياسي ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ڄاڻندو هو، پروفيسر نور احمد جنجهي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻندو هو، هو ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندو هو، سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته آئون ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ جيل ۾ رهيس، جيل ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي هجڻ ڪري اسان جي سياسي تربيت ٿي، روز  اسان جا اسٽڊي سرڪل ٿيندا هئا. هاري اڳواڻ ڪامريڊ واحد بخش بنگلاڻي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي ڪامريڊ راهول آجياڻو ڏيندي چيو ته هن ملڪ ۾ اليڪشن جي نالي تي سرڪس لڳايو ويو، ان سرڪس ۾ اشرافيا وائکي ٿي چڪي آهي، ڪنهن به سياسي جماعت وٽ ڪو به عوامي پروگرام ناهي. ليکڪ سليم جمالي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي سڄي زندگي پيرن اگهاڙن ماڻهن جي نجات جي لاءِ ارپي ڇڏي، تقريب جي شروعات ڪامريڊ لتا پاران ڳايل انقلابي گيت سان ڪئي وئي، عاشق سولنگي، وزير فرهاد، علي عباس ۽ ٻين انقلابي گيتن ۽ شاعري سان ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.