ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ اندر گروپ بندي، ڪابينا ٺاهڻ ۾ مشڪلات

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف گھڻي مشڪلات جو شڪار ٿي وئي آھي. خيبرپختونخواھ ۾ گروپ بندي جي ڪري ڪابينا ۾ دير ٿي رھي آھي.اي ڪيو ايس يوٽيوب چيئنل تي صحافي حامد حسن جو چوڻ ھو تھ ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف ۾ گروپ بندي زورن تي آھي.صحافي موجب پشاور،مردان ۽ مالاڪنڊ جي ايم پي ايز جو جدا گروپ آھي.جنھن کي شاھمراد ترڪئي ۽ عاطف خان ليڊ ڪري رھيا آھن.ٻيو ھزارھ گروپ آھي.جنھن کي عمر ايوب ليڊ ڪري رھيو آھي.جنھن جا ٻيا ٻھ ڀائر ارشد ايوب ۽ اڪبر ايوب بھ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آھن.علي امين گنڊاپور بھ انھن جو حامي آھي.ھن جو چوڻ آھي تھ ان گروپ جي اسد قيصر،بئريسٽر  گوھر بھ حمايت ڪري رھيا آھن.عمر ايوب جو ڀاءُ ارشد ايوب لوڪل گورنمنيٽ جي وزارت چاھي ٿو.جڏھن تھ اسد قيصر پنھنجي ڀاءُکي تعليم واري وزارت ڏيارڻ گھري ٿو.پارٽي جي اندر ٿيل گروپ بندي بعد بھ انھن ۾ ڪا سنجيدگيءَ نظر نٿي اچي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 06 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.