اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي عوامي گورنر ڪامران ٽيسوري کي تبديل ڪرڻ لاءِ طاقتور ڌرين ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن، صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته ڪامران ٽيسوري جا اسٽيبلشمينٽ ۾ به لاڳاپا آهن، هن جي ڪري ايم ڪيو ايم جا ٻه ڌڙا گڏ ٿي ويا، بعد ۾ ٻئي ڌڙا ڪامران ٽيسوري جي نالي تي متفق ٿي ويا، هن گورنر هائوس سهڻي نموني هلايو،هن گورنر هائوس ۾ يونيورسٽي قائم ڪري ڏيکاري، اتي نوجوان ۽ نياڻيون آءِ ٽي ڪورس پڙهن ٿيون، شهرين پاران بيل وڄڻ تي شهرين جي داد رسي ڪئي وڃي ٿي،ماڻهو هن جي ساراهه ڪن ٿا،هو شهرين جي چوري ٿيل موٽرسائيڪلن بدلي کين پنهنجي کيسي مان موٽرسائيڪلون ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم پاران 78 سالن جي خوش بخت شجاعت جو نالو گورنر سنڌ طور سامهون پيو اچي،ذريعن موجب زرداري طاقتور حلقن سان گڏجي گورنر تبديل ڪري رهيو آهي،هن جي تبديلي نوجوانن جي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ برابر آهي، ڪامران ٽيسوري ئي شهيد بينظير ڀٽو جو جلاوطني دوران پاسپورٽ جي تجديد ڪرائي هئي،پ پ قيادت کي به سوچڻ گهرجي ته جيڪو ماڻهو سنڌ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ان کي جاري رکڻ گهرجي، ذريعن موجب متحده ۽ ن ليگ وچ ۾ ڳالهين دوران هڪ موقعي تي شهبازشريف ۽ مصطفيٰ ڪمال وچ ۾ تلخي پيدا ٿي وئي هئي جنهن تي شهبازشريف چيو ته توهان گورنر سنڌ لاءِ ڪي ٽي نالا ڏيو جنهن تي مصطفيٰ ڪمال جواب ڏنو ته ڪاغذ تي لکو، ڪامران ٽيسوري،ڪامران ٽيسوري، ڪامران ٽيسوري.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 06 مارچ 2024ع تي شايع ٿي