ترقي ۽ بهتريءَ جو دارومدار ڀرپاسي جي ماحول ۽ قدرتي نظام تي آهي: ڊاڪٽر جواد سيد

ڪراچي (پ ر) لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمس) جي پروفيسر ڊاڪٽر جواد سيد چيو آهي ته اسان جي ترقي ۽ بهتريءَ جو دارومدار پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽ قدرتي نظام تي آهي، اسان قدرتي نظام کان سکي پنهنجي ڪاروبار کي بهتر بڻائي، توانائيءَ جي وڏن خرچن کي گهٽائي، ماڻهن کي سستيون شيون ۽ سهولتون ڏئي سگهون ٿا.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران بايوميٽڪ انوويشن اينڊ انٽرپرينئرشپ جي موضوع تي منعقد ٿيل سيشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر جواد سيد چيو ته يورپي ملڪن جي معمارن فطرت سان هم آهنگيءَ واريون عمارتون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن پر اسان جي ملڪ ۾ اهڙين ماحول دوست عمارتن جي اڏاوت جو رجحان اڃا رواج ۾ ناهي آيو.
جاپان جو مثال ڏيندي ڊاڪٽر جواد سيد چيو ته جاپان ۾ ٽُٻڻي پکيءَ جي، هوا مان پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي شڪار ڪرڻ واري رفتار کي ڏسي پنهنجي تيز رفتار بلٽ ٽرين جي رفتار 20 سيڪڙو وڌائي وئي ۽ ان پکيءَ کان ٻي ڳالهه اها به سکي ته هلندڙ ريل گاڏي جي گوڙ کي ختم ڪيو ويو.
ڊاڪٽر جاويد فطرت دوست ترقيءَ بابت ٿيل تحقيق جا تفصيلي مثال ڏيندي چيو ته اسان کي جهنگن ۾ اُڏوهي جي دڙن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن وڏن دڙن ۾ لکين اڏوهيون موجود آهن ۽ انهن دڙن مان هوا جي داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جو هڪ بهترين نظام موجود آهي، جنهن کي ڄاڻيندي هاڻي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي معمارن فطرت جي ان ماڊل سان مطابقت رکندڙ عمارتون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، انهن فطرت دوست عمارتن ۾ هوا جو لنگهه ۽ گذر اهڙي طرح رکيل آهي جو انهن ۾ گرمي پد گهٽ رهي ٿو، جنهن ڪري اتي ايئرڪنڊيشنڊ استعمال ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه ٿي اچي، ان سان ٻه فائدا ٿي رهيا آهن، هڪ ته توانائي ۽ ان جو خرچ بچي ٿو ۽ ٻيو ته ماحولياتي آلودگيءَ کان به بچجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ اهڙن فطرت دوست نظرين سان پنهنجا مسئلا حل ڪري رهيا آهن ته جيئن هو پنهنجي موجوده وسيلن سان نه رڳو بهتر زندگي گذاري سگهن پر ايندڙ نسلن جي زندگي لاءِ به سازگار ماحول پيدا ڪري وڃن.
هن تجويز ڏني ته اسان کي به قدرتي نظام مان سکڻ گهرجي ۽ ان تي عمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏياري ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائي سگهون.
ان موقعي تي اقراء يونيورسٽي ڪراچي جي ذڪي راشدي چيو ته اسان کي ماحول دوست قدمن ڏانهن واپس وڃڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ ماحول جون جيڪي گهرجون آهن، اهي ان کي واپس ڪرڻ گهرجن ته جيئن فطرت سان هم آهنگ ماحول پيدا ٿئي، جنهن سان اسان جو موجوده ۽ ايندڙ نسل ماحولياتي خطرن کان محفوظ رهي سگهي.
آخر ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي مئنيجمينٽ، بزنيس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽي هن اهم سيشن ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن کي جديد تحقيق ۽ قدرتي ماحول بابت اهم ڄاڻ ڏيڻ تي ڊاڪٽر جاويد سيد ۽ ذڪي راشدي سان گڏ ٻين مهمانن جو ٿورو مڃيو.
ان موقعي تي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر محترمه قرة العين نذير پڻ مهمانن جو ٿورو مڃيو، هن سيشن جي ڪارروائي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر آصف حسين سمون هلائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.