پنڊيءَ ۾ حسن علي جي تباهي، ڪراچي جي ڪوئيٽا کي شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 22 هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز کي آساني کي ست وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي پوري ٽيم پهريان کيڏندي 20 هين اوور ۾ 118 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
سعود شڪيل 33، خواجا نافع 17 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، ڪراچي جي حسن علي چار وڪيٽون ورتيون جڏهن ته موزارباني ۽ زاهد محمود 2 – 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جو گهربل هدف 16 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ٽِم سائفرٽ 49 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، شعيب ملڪ 27 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، ان کانسواءِ جيمز ونس 27 ۽ شان مسعود 7 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.
ڪوئيٽا طرفان عقيل حسين، محمد عامر ۽ ابرار احمد، هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بالنگ تي حسن علي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.