وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۾ ملاقات ٿي آهي.
شهباز شريف طرفان وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ کانپوءِ ان جي آرمي چيف سان پهرين ملاقات ٿي، جنهن ۾ آرمي چيف کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ملاقات ۾ قومي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان دوران پاڪ فوج جي پيشيوراڻن ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به گفتگو ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.