آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جئسوال ۽ روهت جي ترقي، بابر ون ڊي ۾ نمبر ون

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي) ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ون ڊي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ڀارت جي شُڀمَن گِل جي ٻي ۽ ويرات ڪوهلي جي ٽين پوزيشن آهي.
ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جو پهريون نمبر آهي ۽ ون ڊي آل رائوندرز ۾ افغانستان جي محمد نبي جي نمرون پوزيشن برقرار آهي.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جو پهريون، پاڪستان جي محمد رضوان جو ٻيو ۽ بابر اعظم جو ٽيون نمبر آهي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي بالرن ۾ انگلينڊ جي عادل رشيد جو پهريون نمبر برقرار آهي.
آءِ سي سي طرفان ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ موجب، نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جي پهرين پوزيشن آهي، انگلينڊ جو روٽ هڪ درجو ترقي ڪندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ جي ٽين پوزيشن آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو بابر اعظم پنجين نمبر تي موجود آهي، ڀارت جي يشسوي جئسوال ٻه درجا ترقي ماڻن کانپوءِ ٽاپ ٽين ۾ اچي ويو آهي، روهت شرما جو ٻه درجا بهتري کانپوءِ 11 هون نمبر آهي.
ٽيسٽ بالرن ڀارت جي جسپريت بمرا جو پهريون نمبر برقرار آهي جڏهن ته آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ هڪ درجو بهتري کانپوءِ چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
آسٽريلوي اسپنر نيٿن لائن ٻه درجا ترقي ڪندي ڇهين نمبر تي، پاڪستان جو شاهين آفريدي 12 هين کان 11 هين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.