ڀٽو ريفرنس تي عدالتي راءِ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سميت پ پ قيادت کي مبارڪون ڏنيون آهن.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن ناهي، سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ ۽ هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي.
هن چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو درست ڪرڻ هاڪاري اڳڀرائي آهي، ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي راءِ تاريخ کي درست نظر ۾ سمجهڻ ۾ مددگار هوندي، ماضي جي غلطين جي درستگي، اختلافن جي خاتمي سان قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.