لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پنجاب جي 18 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو.
پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان گورنر هائوس لاهور ۾ رٿيل تقريب ۾ پنجاب ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو، ان موقعي تي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي.
حلف کڻندڙن ۾ مريم اورنگزيب، عظميٰ بخاري، عاشق حسين ڪرماڻي، بلال ياسين، مجتبيٰ شجاع الرحان، سهيل شوڪت بٽ، سلمان رفيق، خواجا عمران نذير، ذيشان رفيق، ملڪ صهيب احمد، شير علي گورچاڻي، رميش سنگهه ۽ خليل طاهر سنڌو شامل آهن.
You might also like