پ پ حڪومت جو حصو ناهي:شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر)  پ پ ترجمان ايم اين اي شازيا عطا مري چيو آهي ته  پ پ حڪومت جو حصو نه آهي، قومي اسيمبلي کي عوام جي مسئلن  جي حل لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، عوام جا مسئلا غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهن، وقت اچي ويو آهي ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪيو وڃي، ان جي ڪارڪردگي ٺيڪ نه آهي، بلاول هائوس ميڊيا سيل ڪراچي ۾ سريندر ولاسائي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته صدر آئين کي اهميت نه ڏيندي ميمبرن کي حلف کڻائڻ لاءِ اجلاس نه گهرايو، صدر آمراڻي سوچ جي تسلسل کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي،  هن چيو ته پ پ سان جيڪو به ڳالهيون ڪندو ڳالهين لاءِ تيار آهيون، بلاول ڀٽو اسيمبلي ۾ خطاب دوران پنهنجي ترجيحن کي بيان ڪيو آهي، احتجاج سڀني جو حق آهي پر اسيمبلي جي ايوان جي توهين ڪئي پئي وڃي اهو افسوسناڪ آهي، اهڙي ماحول کي بلاول ڀٽو رد ڪيو آهي، هن چيو ته صوبن کي ٽيڪس جمع ڪرڻ ڏنو وڃي، جيڪڏهن ڪو صوبو ٽارگيٽ پورو نه ٿو ڪري سگهي ته ان تي ڏنڊ وڌو وڃي،  هن چيو ته پ پ حڪومت جو حصو نه آهي، آئيني عهدا پورا ڪرڻ لاءِ اليڪشن ۾ حصو ورتو، صدر جي ووٽ لاءِ سپورٽ گهرون پيا، هن چيو ته هر  مسئلي جو حل نجڪاري ۾ نه آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.