پي ايس ايل دوران سر شاهه سليمان روڊ ٽيمن جي اچڻ ۽ وڃڻ وقت بند رهندو: پوليس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ پي ايس ايل سبب سرشاهه سليمان روڊ بند ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس پاران عدالت ۾ گڏيل جواب جمع ڪرايو ويو، پوليس پنهنجي جواب ۾  کيو آهي ته پي ايس ايل دوران سرشاهه سليمان روڊ بند ٿيندو، ٽمين جي اچڻ ۽ واپسي وقت هڪ هڪ ڪلاڪ روڊ بند ٿيندو، چيف جسٽس چيو ته انهن شين جو اوهان کي خيال رکڻو آهي، اسان ٽريفڪ پوليس جي جواب کي عدالتي رڪارڊ بڻائي رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته عوام متاثر نه ٿئي،  عدالت انڊس يونيورسٽي انتظاميا کي به پوليس سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ، انڊس يونيورسٽي ۽ سپرمارڪيٽ جي پاران درخواستون داخل ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.