اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ٻيو ڀيرو وزارت عضميٰ جو حلف کڻي ورتو، صدر عارف علوي حلف ورتو، حلف کڻڻ کان پوءِ وزيراعظم کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو، سومر تي ايوان صدر ۾ حلف کڻڻ واري تقريب ۾ صدر عارف علوي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کان حلف ورتو، تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، مسلم ليگ ن، ايم ڪيو ايم، استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳوڻن کان علاوه مختلف ملڪن جي سفيرن جي وزيراعظم جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي،