ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ پي ايس ايل دوران سرشاهه سليمان روڊ وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ بند ڪرڻ بابت توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ڊي آءِ جي اقبال دارا سميت ٻيا پوليس آفيسر پيش ٿيا، چيف جسٽس ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم باوجود رستا بند ڇو آهن، توهان ماڻهن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته اسان روڊن کي بند ناهي ڪيو پر آپريشن وارن بند ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇو بند ڪيو آهي، ڪنهن جي حڪم تي بند ڪيو آهي، پوليس پنهنجي جواب ۾ چيو ته روڊن کي بند نه ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته آءِ جي سنڌ کي اجلاس ۾ چيو هو ته روڊ بند نه ڪيا ويندا، جنهن وقت ٽيم اچي ان وقت روڊ بند ڪرايو، عوام چئي رهيو آهي ته پي ايس ايل کي بحريا ٽائون شفٽ ڪيو وڃي، عوام کي هن وقت عدالتن مان ڪجهه اعتماد آهي، اوهان هي ياد رکو ته عوام جڏهن روڊن تي اچي اوهان کان حساب وٺندو، عوام تمام گهڻو پريشان آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته اسان پاڻ شرمنده آهيون، اسان پنهنجي گاڏي تي جهنڊو لڳائڻ بندڪيو آهي، اسان خوف ۽ لالچ کان بي نياز آهيون، عوام پوليس جو احترام نه ڪندو آهي،ماڻهن جو عدالتن تي اعتماد ختم ٿيندو ته هو روڊن تي اچي ويندا، مون پنهنجي ڊرائيور کي چيو ته اوهان سگنل جو احترام ڪرايو، ڪجهه ماڻهن جي ڪري ڪروڙن عوام پريشان آهي .اڄ جي مهلت ڏئي رهيا آهيون ته گڏيل جواب ڏيو.