”ظاهري طور لڳي ٿو ته سوشل ميڊيا کي مينج ڪيو پيو وڃي ۽ ڪير پيو ڪري اهو به سامهون اچي ويندو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ظاهري طور لڳي ٿو سوشل ميڊيا کي مينج ڪيو پيو وڃي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي اهو به سامهون اچي ويندو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ايپ ايڪس جي بندش خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پي ٽي اي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران پي ٽي اي ويڪل چيو ته گهرو وزارت ۽ ٻين ادارن سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي هئي، اسان 8 فيبروري تي موبائل ڪمپنين کي سروس معطل ڪرڻ ۽ 9 فيبروري تي سروس بحال ڪرڻ جي اي ميل ڪئي هئي.
ان تي چيف جسٽس چيو ته توهان ڪيترا معصوم آهيو؟ معصوم آهيو يا مجبور؟ هر چئو ٿا ته ڪجهه بند ناهي، وري چئو ٿا ته سڀ بند پيو آهي، مجبوري آهي يا ڪجهه ٻيو اهو ٻڌايو، انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائڻ بدران چئي رهيا آهيو ته ڪڏهن فلاڻي چيو بند ڪيو، ڪڏهن فلاڻي چيو بند ڪيو.
جسٽس عقيل عباسي چيو جيڪڏهن پي ٽي اي سروس بحال ڪرڻ جو ڪنهن ڪمپني کي چيو ۽ سروس اڃا به معطل آهي ته اهڙي ڪمپني کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيو، جيڪڏهن توهان موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ناهي ڪئي ته ان لاءِ پڇيو هو ملڪ جا معاملا ڪير هلائي رهيو آهي، توهان چيو 9 مئي سبب انٽرنيٽ بند ڪئي هئي، ڪجهه سياسي جماعتن کي مهم ۽ جلسا ڪرڻ نه ڏنا ويا، توهان سڀ ڪجهه ڏٺو، اڄ تائين انٽرنيٽ درست نه پئي هلي، مختلف طريقن سان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، ٻار ٻار ڄاڻي ٿو.
پي ٽي اي وڪيل چيو 9 فيبروري کانپوءِ ڪنهن ڪمپني کي انٽرنيٽ يا موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو نه چيو، ان تي چيف جسٽس چيو ايڪس ته اڄ به بند آهي، جيڪڏهن ڪا ڪمپني پي ٽي اي جي هدايتن تي عمل نٿي ڪري ته ان خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟
عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل سوال ڪيو ته اڄ اهو چئي ڇڏيو ته سمورا دهشتگرد ايڪس تي گڏ آهن ته ڇا ايڪس کي بند ڪيو ويندو؟ وڪيل جبران ناصر عدالت ۾ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي اي تسليم ڪري رهي آهي ته ايڪس انهن جي هدايتن تي بند ناهي ته ڪير آهي جيڪو بند ڪري رهيو آهي؟ اهو ته پوءِ نيشنل سيڪيورٽي جو مسئلو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 9 مئي جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، 8 فيبروري کانپوءِ به سروس بند آهي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته سوشل ميڊيا کي مينج ڪيو پيو وڃي ۽ ڪير پيو ڪري اهو به سامهون اچي ويندو.
عدالت جبران ناصر جي توهين عدالت جي درخواست تي پي ٽي اي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته صحافي ضرار کهڙو جي درخواست تي به 20 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
عدالت حڪم ڏنو ته چونڊن جي ڏينهن انٽرنيٽ بندش تي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو وزارت جو جواب جمع ڪرايو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بندش تي به جواب طلب ڪندي انٽرنيٽ جي بحالي بابت جاري حڪم نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.