اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري وفاقي وزارت سرڪاري ڊاڪٽرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
صحت واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل سرڪلر موجب، سرڪاري ڊاڪٽرن جي فارما ڪمپنين ۽ ڊونرز جي خرچ تي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي، سرڪاري ڊاڪٽرن کي پرڏيهي ڪانفرنسن ۽ سيمينار لاءِ موڪل نه ملندي.
اختيارين ٻڌايو ته فيصلي جو مقصد ڊاڪٽرن ۽ فارما سيوٽيڪل ڪمپنين جي ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ آهي، ڊاڪٽرن ۽ فارما ڪمپنين جي ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته صحت واري وزارت جو فيصلو وفاقي اسپتالن جي ڊاڪٽرن تي لاڳو هوندو.
ان کانسواءِ ڪرپشن جي خلاف ۽ روڪٿام لاءِ پي ايم ڊي سي ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي کي متحرڪ ڪيو ويو آهي.
Prev Post
”ظاهري طور لڳي ٿو ته سوشل ميڊيا کي مينج ڪيو پيو وڃي ۽ ڪير پيو ڪري اهو به سامهون اچي ويندو“
Next Post
You might also like