گٽڪي جي تياري ۽ وڪري خلاف درخواست تي آءِ جي سنڌ کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ   گٽڪي، ماوي، مين پوري جي تياري ۽ وڪري خلاف درخواست جي ٻڌڻي  ڪئي، عدالت وومين پروٽيڪشن ويلفيئر ٽرسٽ جي درخواست تي آءِ جي سنڌ کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، عدالت آءِ جي سنڌ کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عدالتي حڪم جي ڪاپي آءِ جي سنڌ آفيس کي پڻ اماڻي وڃي، عدالت پاران حڪمن باوجود موثر ڪارروائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو .جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس کي گٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف باقائده ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ، ڪاروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته جيڪڏهن نشاندهي ڪئي وئي ته پوليس ڪارروائي ضرور ڪندي، ايڊووڪيٽ مزمل ممتاز چيو ته نشاندهي ڪئي ويندي آهي پر ڪارروائي ٿيڻ کان اڳ ئي معلومات ليڪ ٿي وڃي ٿي، ايس ايڇ او سرجاڻي ۽ ابراهيم حيدري نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪارروائي نه ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ان کان اڳ به نوٽيس جاري ڪيا ويا پر ڌيان نه ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.