ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 7 مارچ تي طلب ڪيو ويو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي سميت ٻه ميمبر حلف کڻندا، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گورنر ڪامران ٽسوري 7 مارچ تي طلب ڪري ورتو، اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٽپهري جو ٽي وڳي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ عام چونڊن ۾ ڪامياب پ پ جا ٻه ايم پي ايز نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر حلف کڻندا، ٻئي طرف سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن طرفان شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ حڪومتي اشتهارن کي ميڊيا ورڪرن جي پگهارن سان مشروط ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويندو.