نوشهروفيروز ڀرسان لاشاري برادري جو پراڻو تڪرار ڀڙڪي پيو، فائرنگ، عورت قتل

نوشهروفيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) نوشھروفيروز ڀرسان لاشاري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب ھڪ عورت قتل ٿي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرين ۾  فائرنگ سبب سعيده زال حق نواز لاشاري گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي وئي، اطلاع ملڻ شرط ڦل پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي سول اسپتال نوشھرو فيروز پھچايو جتان مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڳوٺاڻا مورچابند ٿي ويا، ھڪ ٻئي تي فائرنگ جو سلسلو جاري، حد جي پوليس جوڳا اپاءُ نه ورتا، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته جهيڙي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته وڌيڪ خون ريزي جو خطرو وڌندو ، جڏهن ته عورتن مردن اسپتال ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، اسان جي گيس بن آهي، بجلي بند آهي، گھرن مان نه ٿا نڪري سگهون، هٿياربندن مورچا بند ٿي گھرن تي رات ڏينھن فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو، صبح سان ئي فائرنگ ڪري اسان جي عورت کي قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.