ڪراچي(پ ر) سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي شاگرد سياست ماضي کان وٺي حال تائين ڪيترن ئي اتساهيندڙ واقعن سان سرشار آھي. سنڌ جي شاگردن ھر دؤر جي آمر کي للڪاريو آھي ۽ جڏهن به شاگردن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي تڏهن سنڌ جي بي باڪ شاگردن ان شاگرد دشمن عمل جي نندا ڪئي آھي،اڳواڻن چيو ته سنڌ جي شاگرد سياست جي انتھائي اھم ۽ نه وسرندڙ واقعن مان 4 مارچ 1967 وارو واقعو به پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو، جڏهن سنڌ يونيورسٽي، لمس يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ان وقت جي ڪمشنر مسرور حسن خلاف مارچ جي صورت ۾ حيدرآباد وڃي رھيا ھئا ته پوليس پاران شاگردن تي گوليون ھلايون ويون ۽ لٺبازي ڪندي 300 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو،هنن چيو ته سنڌ جي ان مزاحمتي واقعي کي ھر سال سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل مختلف طريقن سان ملھائيندي پئي اچي. ان روايت کي برقرار رکندي ھن ڀيري به سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران سنڌگير پروگرام منعقدڪيا ويا، جن ۾ سڪرنڊ بوائز ڊگري ڪاليج،سڪرنڊ بوائز هائي اسڪول، نوابشاھ ڊگري ڪاليج،قاضي احمد ڪاليج، دولتپور ڪاليج، دوڙ ڪاليج، صابو راهو هائي اسڪول، ڊگري ڪاليج ڪي اين شاھ، فيض اڪيڊمي جاتي، دائودپوٽو لائبريري حيدرآباد، ھائر سيڪنڊري اسڪول پاڪ سينگھار شامل آھن.