اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ جي لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته گذريل ڏينهن محمود اچڪزئي چئي رهيو هو ته قرارداد پاس ڪريو ته سياست ۾ مداخلت نه ٿئي، اوهان جيتريون به قراردادون پاس ڪري وٺو، جيستائين سياستدان پاڻ هڪ ٻئي جي عزت نه ڪندا تيستائين ٻيو ڪوبه عزت نه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري 9 مئي واقعن جي حوالي سان چيو ته مون ٻڌو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير 9 مئي واقعن جي حوالي سان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي وڏو وزير ان ڳالهه جو يقين ڏياري ته انڪوائري جي فيصلي کي سڀئي مڃيندا ته مان انهي جي حمايت ڪريان ٿو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته 9 مئي واقعن جي حوالي سان جوڊيشل ڪميشن ٺاهي وڃي ۽ چيف جسٽس کان درخواست ڪئي وڃي ته اهو انهي ڪميشن جي سربراهي ڪري. پ پ چيئرمين سائفر جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سائفر ۾ باري ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ ڀٽو صاحب سان ڀيٽ ڪئي وئي. ڀٽو صاحب چيو هو ته سيني ۾ ملڪ جا راز کڻي ويندس، عمران خان جي گرفتاري جي ٻئي ڏينهن سائفر هڪ عالمي اشاعتي اداري ۾ شايع ٿي ويو، ڇا اوهان سمجهون ٿا ته پاڪستان جو عوام بيوقوف آهي؟ سائفر جي جاچ ٿيڻ گهرجي آئين سڀني جي لاءِ آهي جيڪڏهن ڪو به آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته انهي کي سزا ملڻ گهرجي مان انهي جو ڏوهٽو آهيان جنهن ڦاسي قبول ڪئي پر پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. بلاول ڀٽو جي خطاب دوران اپوزيشن ميمبر حڪومتي ڊائس جي سامهون بيهي رهيا ۽ نعريبازي ڪندا رهيا. بلاول ڀٽو اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ مان چئي رهيو آهيان ته مان انهن جو دفاع ڪندس جيڪڏهن انهن جي ڪابه جائز شڪايت هوندي ته مان انهن سان گڏ بيٺل هوندس پر جيڪڏهن اهي غير آئيني ۽ غير جمهوري ڪم ڪندا ته مان انهن جي سامهون بيهي رهندس. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا جمهوريت جا ليڪچر اسان کي نه ڏين، پي ٽي آءِ خلاف ڪا غير جمهوري ڪارروائي ٿي ته اسان هنن جو ساٿ ڏينداسين، هي جذباتي ماڻهو آهن منهنجي هڪ جملي تي رڙيون پيا ڪن، پارليامينٽ سمورن ادارن جي ماءُ آهي، عوام اسان ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته هنن جا مسئلا حل ڪنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته اسان هن جمهوري اداري کي مضبوط بڻائينداسين، اهڙا فيصلا ڪنداسين جنهن سان نوجوانن جو مستقبل بهتر ٿيندو، اچو ته دعا ڪريون ته اهي قومي اسيمبلي لاءِ سٺا فيصلا ڪن ۽ مستقبل ۾ ائين نه ٿئي جو هو اسان سان زيادتي ڪن. قومي اسيمبلي کي ڇا ٿيو آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته هي گهر سمورن ادارن جي ماءُ آهي، ماڻهو اسان ڏانهن ڏسي رهيا آهن ته اسان کين مشڪلاتن مان ڪڍيندا . اڳوڻي پرڏيهي وزير پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي عدالتي ۽ چونڊ سڌارا ڪرڻا آهن، اپوزيشن کي به عدالتي ۽ چونڊ سڌارن تي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان گڏجي اهي سڌارا ڪندا ته جمهوريت کي ڪير به ڪمزور نه ڪري سگهندو، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون ٿين. جتي وزيراعظم جي مينڊيٽ تي ڪو به شڪ ناهي، اسان چاهيون ٿا ته شهباز شريف اليڪشن کٽي يا قيدي نمبر 804، پر ڪير به آڱر نه کڻي. ان بعد اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته اپوزيشن جا خدشا دور ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، اسان جي سڃاڻپ فارم 47 آهي، 1947ع آهي، سني اتحاد کي گوڙ بدران نه پر آئين ۽ قانون جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان شڪايتن ۽ خدشن باوجود جمهوري عمل جو حصو بڻيا، اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو معاشي نه پر ارادن جو آهي، جيڪڏهن توهان ٽيڪس ڏيڻ چاهيو ٿا ته جاگيرداري نظام کي ختم ڪريو. پي ٽي آءِ جي بئريسٽر گوهر ۽ اسد خٽڪ چيو ته اسان جا هڪ سئو ڄڻا ٻن سون تي حاوي آهن، اسان ڪراچي مان 15 سيٽون کٽيون جيڪي ايم ڪيو ايم کي ڏنيون ويون.