پيرجوڳوٺ ڀرسان نوجوان واپاري گهر اندر گوليون هڻي قتل، ٿاڻي آڏو ڌرڻو، شهر ۾ هڙتال

پيرجوڳوٺ + احمد پور (نمائندن وٽان ) پيرجوڳوٺ ويجهو وڏا مهيسر ٿاڻي اڳيان گهر اندر نوجوان گوليون هڻي قتل، ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو، شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال، پوليس اهلڪار ٿاڻو ڇڏي کسڪي ويا، وڏا مهيسر  ٿاڻي اڳيان گهر اندر هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان واپاري عامر لاکو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي قتل بعد سوين شهري روڊن تي نڪري آيا شهرين شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻي ويهي رهيا، جڏهن ته پوليس اهلڪار ٿاڻي مان کسڪي ويا ڪيترائي ڪلاڪ روڊ پڻ بلاڪ ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ نوجوان جي والد غلام محمد لاکو ۽ ايڊووڪيٽ گلزار احمد مهيسر ٻڌايو ته نوجوان عامر لاکو هڪ ڪاروباري شخص هو جنهن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي هٿياربندن گهر ۾گهڙي نوجوان کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس اهلڪار ننڊ ستل هئا، نوجوان جي قاتلن جي گرفتار نه ڪيو ويندو احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن نوجوان جو لاش وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت پوسٽ مارٽم بعد گهر پهچايو جتي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.