سني اتحاد 77 مخصوص سيٽن کان محروم، پي ٽي آءِ پاران فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن 1-4 جي شرح سان فيصلو جاري ڪيو، پنجاب جي ميمبر بابر حسن ڀروانا اختلافي نوٽ لکيو. اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته سني اتحاد ڪائونسل عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي ڪوٽا جي حقدار ناهي. سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ جي درخواست رد ڪرڻ واري فيصلي تي ميمبر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بابر حسن ڀرواڻي پاران اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي 5 رڪني بئنچ جي اختلافي ميمبر بابر حسن ڀرواڻي اختلافي نوٽ لکندي چيو ته مان معزز ميمبرن سان ان حد تائين متفق آهيان ته اهي سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي الاٽ نه ٿيون ڪري سگهجن.. اهي مخصوص سيٽون آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم ٿيڻ تائين خالي رکڻ گهرجن. .واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافتا آزاد اسيمبلي ميمبرن چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.ان بنياد تي سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ڪميشن ۾ مخصوص سيٽن لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، ٻئي پاسي تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪرڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي سينيٽ ۾ تقرير ڪندي بئريستر علي ظفر چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي هڪ منٽ به ان عهدي تي نه رهڻ گهرجي، ان فيصلي کانپوءِ صدارتي ۽ سينيٽ چونڊون اسان کي منظور نه هونديون، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪنداسين.هن چيو اسان اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي هئي ته وزارت عظميٰ جي اليڪشن کان اڳ مخصوص سيٽن بابت فيصلو ڪري، آرٽيڪل 51 موجب جيتريون سيٽون کٽيون آهن، انهن موجب مخصوص سيٽون ملنديون، آئين موجب جيڪڏهن آزاد اميدوار ڪنهن جماعت ۾ شامل ٿئي ته ان جماعت کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن.سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان کي 23 مخصوص سيٽون ڏيڻيون هيون، اڄ اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته اهي سيٽون اسان کي نه پيا ڏين، شايد اليڪشن ڪميشن اهو مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.بئريسٽر علي ظفر چيو فيصلي سان ظاهر ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فرضن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي هڪ منٽ به عهدي تي نه رهڻ گهرجي، مخصوص سيٽن بابت جيستائين عدليا جو حتمي فيصلو نٿو اچي، تيستائين سينيٽ ۽ صدارتي چونڊ نٿي ٿي سگهي، مطالبو ٿا ڪيون ته سينيٽ ۽ صدارتي چونڊ ملتوي ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت سني تحريڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي  77 مخصوص سيٽن کان محروم ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.