اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڪس جي بندش خلاف درخواست داخل

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڪس جي بندش خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ  ”ايڪس“ جي بندش خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، صحافي احتشام عباسي وڪيل سردار گرجاز خان ذريعي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق اڄ ”ايڪس“ جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته 17 فيبروري کان شهرين جي ايڪسائيز تائين رسائي ممڪن ناهي، پابندي پي ٽي اي طرفان بغير ڪنهن باضابطه اطلاع ۽ نوٽيفڪيشن جي لاڳو ڪئي وئي آهي، ايڪس جي مسلسل بندش آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ درخواست ۾ سڌ سماءَ واري وزارت کي به ڌر بڻايو ويو آهي، گذريل ڏينهن جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ”ايڪس“ تي پابندي ختم ڪئي وڃي. ياد رهي ته 17 فيبروري کان بند پيل ايڪس جي سروس سڄي پاڪستان ۾ اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، اهو واضح ناهي ته پاڪستان ۾ ايڪس جي سروس ڇو بند آهي. حڪومت به ان حوالي سان ڪا به وضاحت جاري نه ڪئي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي 22 فيبروري تي سروس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پي ٽي اي اڃا تائين عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪا وضاحت جاري ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.