روينيو رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪيس ۾ اي سي ملير سوڌو 12 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ روينيو رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ واري ڪيس ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ملير  سميت 13 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ هڪ جوابدار مختيارڪار ملير اسلم شر عدالت مان فرار ٿي ويو،جڏهن ته اسٽنٽ ڪمشنر ملير اعجاز هاليپوٽو سميت 12 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جعلسازي جي ڪيس ۾ ٽوٽل 19 جوابدار آهن جنهن ۾ 13 گرفتار آهن، جوابدار شبانه ڪنول ضمانت تي آهي، اينٽي ڪريشن کاتي جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي رشوت وٺڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.