بلاول ڀٽو پاران ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي ناليواري اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي کي سندس  ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين چيو ته پورهيتن جي حقن لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ۽ طبقاتي استحصال خلاف اڻٿڪ جدوجهد ڄام ساقي جو لازوال ورثو آهي.هن چيو ته ڄام ساقيءَ ضياءَ جي دور ۾ قيد جون سختيون برداشت ڪيون. هن ان تاريخي لمحي کي به ياد ڪيو جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو فوجي عدالت ۾ پيش ٿي ڄام ساقي جي خلاف داخل ڪيل بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي غداري ڪيس ۾ هن جي بي گناهه هجڻ جي شاهدي ڏني.بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄام ساقي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو سندس برابري، انصاف ۽ پورهيت طبقي جي بااختياريءَ واري نظريي تي عمل ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڄام ساقي جو ورثو اسان کي موجوده مشڪل صورتحال مان ڪڍي مستقبل جي طرف وٺي وڃي ٿو جتي هر شهري جي حقن ۽ وقار جو احترام ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.