شاگردياڻي تي تيزاب حملو ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش، جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ نيپا چورنگي ڀرسان ڪوچنگ سينٽر ۾ استاد پاران شاگردياڻي  ۽ ٻين مٿان تيزاب هارڻ جو ڪيس ۾ پوليس گرفتار جوابدار  افتخار کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏند چڪ بعد تيزاب اڇلايو، نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين مان عليشبا ۽ فيضان جو علاج هلندڙ آهي، تيزاب جي بوتل هٿ ڪئي وئي آهي، عليشبا ڪوچنگ سينٽر جي شاگردياڻي آهي، واقعي جو ڪيس ڇوڪري جي مامي پاران عزيز ڀٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.