امن امان جي خراب صورتحال جو ذميوار آءِ جي سنڌ آهي: سنڌ بار ڪائونسل

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ بار ڪائونسل صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو ذميوار آءِ جي سنڌ کي قرار ڏئي ڇڏيو،سنڌ بار ڪائونسل آءِ  جي سنڌ رفعت مختار کي فوري طور ھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، وائيس چيئرمين اظهر عباسي چيو آهي ته جڏھن کان آءِ جي سنڌ رفعت مختار مقرر ٿيو آھي ان ڏينھن کان امن امان جي صورتحال تمام گھڻي خراب ٿي وئي آھي، آءِ جي سنڌ جي دور ۾ ڏوھن جي شرح تمام گھڻي وڌي وئي آھي، جنھن تي ڳڻتي آهي، سنڌ ۾ پوليس کاتو امن امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رھيو آھي جيڪو سواليه نشان آهي، سنڌ بار ڪائونسل جي عھديدارن لاڳاپيل اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ رفعت مختار کي پوليس کاتي ۽ عوام جي مفادن ۾ صوبي بدر ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.